Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 24

24
ديگڙي جو مثال
1اسان جي بابل ڏانهن جلاوطنيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي خداوند وري مون کي فرمايو تہ 2#2.با 25‏:1، ير 52‏:4 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هيءُ ڏينهن لکي ڇڏ. هائو، اڄوڪي ڏينهن جي تاريخ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ بلڪل #24‏:2 اڄ ئي اهو ڏينهن گھڻو ڪري 15 جنوري، سن 588 قبل مسيح آهي، جيڪو بابل جي بادشاهہ جي پهرين چڙهائيءَ کان اٺ سال ڏهہ مهينا ڏهہ ڏينهن پوءِ آهي.اڄ ئي بابل جو بادشاهہ يروشلم شهر کي وري ٻيهر گھيرو ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪري ٿو. 3سو تون منهنجي باغيءَ قوم کي بابل جي بادشاهہ جي چڙهائيءَ جي باري ۾ مون خداوند خدا جو هي پيغام مثال طور ٻڌاءِ تہ
ديڳڙو چاڙهہ.
هائو، ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي، انهيءَ کي باهہ تي رک.
4‏-5انهيءَ ۾ گوشت وجھڻ لاءِ
ڌڻ مان ڪي عمديون رڍون چونڊي ڪڍج،
جن جي گوشت جا سٺا سٺا ٽڪرا،
يعني ران ۽ ڪلهي جا ٽڪرا،
۽ هڏين وارا چونڊ ٽڪرا گڏي ديڳڙو ڀري ڇڏ.
ديڳڙي جي هيٺان ڪاٺين جو ڍير ڪري ڇڏ،
۽ گوشت جي ٽڪرن کي خوب ڪاڙهہ،
ايتري قدر جو انهيءَ جون هڏيون بہ ڳري وڃن.
6سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ
ويل آهي انهيءَ خوني شهر يروشلم لاءِ!
يعني گندگي لڳل انهيءَ ديڳڙي لاءِ،
جنهن مان گندگي لاٿي ئي نہ ويئي آهي.
سو گوشت جا سڀيئي ٽڪرا ديڳڙي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر،
۽ ڪنهن بہ هڪڙي ٽڪر کي خاص سمجھي پوئتي نہ بچاءِ.
7يروشلم جي ماڻهن شهر ۾ بي‌گناهن جو رت وهايو آهي،
بلڪ کُليل ٽَڪرَ تي انهن رت وهايو جيڪا اڃا ظاهر پئي آهي.
هنن رت کي ڍڪڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ڪئي آهي.
8سو مون بہ انهيءَ رت کي کُليل ٽَڪرَ تي رهڻ ڏنو،
انهيءَ لاءِ تہ اهو ڍڪجي نہ وڃي،
جيستائين مٿن منهنجو غضب نازل ڪيو وڃي
۽ کانئن بدلو ورتو وڃي.
9آءٌ خداوند خدا انهيءَ خوني شهر کي هاڻي سزا ڏيندس،
آءٌ خود ڪاٺين جي انهيءَ ڍڳ کي اڃا وڌائيندس.
10تنهنڪري آءٌ وڌيڪ ڪاٺيون گڏ ٿو ڪريان،
باهہ جو مچ ٿو ٻاريان،
تہ جيئن گوشت چڱيءَ طرح رنڌجي وڃي،
شورو سڪي وڃي ۽ هڏيون بہ ڳري وڃن.
11پوءِ آءٌ انهيءَ ديڳڙي کي اڃا بہ ٽانڊن تي رکي ڇڏيندس،
تہ جيئن اهو وڌيڪ گرم ٿئي ۽ ان جو پتل سڙي،
۽ گندگي پگھرجي سڙي کپي وڃي.
12انهيءَ سبب جو ڪنهن ٻئي طريقي سان
ان جي بدڪاريءَ واري گندگي سخت باهہ کان سواءِ
ختم ٿي نہ ٿي سگھي،
تنهنڪري اهو ديگڙو سخت باهہ تي رکيو ويو.
13اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي
اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي.
مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو،
تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا.
هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا،
جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.
14آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
حزقي‌ايل جي زال جي وفات
15 خداوند مون کي فرمايو تہ 16”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، آءٌ هڪڙي ڌڪ سان تنهنجي دل جي پياري تو کان کسي وٺندس، پر انهيءَ لاءِ نہ تون ڪو سوڳ ڪجانءِ ۽ نہ وري روئي ڳوڙها ڳاڙجانءِ. 17مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“
18ٻئي ڏينهن صبح جو آءٌ هميشہ جيان گھر کان ٻاهر نڪري ماڻهن سان ڳالهائيندو رهيس ۽ انهيءَ ئي ڏينهن شام جو منهنجي زال فوت ٿي ويئي. تڏهن مون اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. 19ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن اهو سڀ ڏٺو تڏهن مون کان پڇيائون تہ ”تون پنهنجيءَ زال لاءِ ڇو نہ ٿو روئين رڙين؟ ان مان اسين ڇا سمجھون؟“ 20مون کين وراڻيو تہ ”مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو آهي تہ 21آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو. 22پوءِ اوهين ائين ئي ڪندا جيئن مون خداوند حزقي‌ايل کي حڪم ڏنو آهي. اوهين پنهنجو ڏک ظاهر نہ ڪندا يعني اوهين پنهنجو منهن نہ ڍڪيندا ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي مانيءَ مان ڪجھہ کائيندا. 23اوهان جا پٽڪا اوهان جي مٿن تي ٻڌل هوندا ۽ اوهان جون جتيون اوهان جي پيرن ۾ هونديون. اوهين نہ روئندا، نڪي رڙندا، بلڪ اوهين پنهنجي بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ پيا ڳرندا ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاري آهون پيا ڀريندا. 24سو حزقي‌ايل اوهان لاءِ هڪڙو نشان آهي. جڏهن يروشلم ۾ ائين ٿيندو تڏهن اوهين بہ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪندا جيئن حزقي‌ايل ڪيو آهي. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘
25خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’اي حزقي‌ايل! ڏس، آءٌ هيڪل کي برباد ڪري ڇڏيندس. اها هيڪل جيڪا سندن سلامتيءَ جو سهارو، شان وَ شوڪت، دل جي پياري ۽ سندن فخر آهي. آءٌ انهن کان سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کسي وٺندس. 26تڏهن ڪي ماڻهو شهر مان ڀڄي ويندا ۽ تو وٽ اچي پهچندا. اهي تو کي ٻڌائيندا تہ يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي. 27تڏهن انهيءَ ڏينهن وري تو کي ڳالهائڻ جي سگھہ ملندي ۽ تون وڌيڪ #24‏:27 گونگو نہ رهندين ڏسو 3‏:25‏-27، جنهن ۾ خداوند جو حزقي‌ايل کي گونگو ڪرڻ بابت بيان آهي.گونگو نہ رهندين. اهڙيءَ طرح تون هنن لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين ۽ پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 24: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in