20
بني اسرائيل جو بغاوت جاري رکڻ
1اسان جي جلاوطنيءَ جي ستين سال پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بني اسرائيل جا ڪي جلاوطن اڳواڻ خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان اچي ويٺا. 2تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ 3”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘ 4اي آدم جو اولاد! تون هنن کي سندن سزا جو سبب ٻڌائي ڇڏ ۽ سندن ابن ڏاڏن جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم کين ياد ڏيار. 5#خر 6:2-8 انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس. 6مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي. 7مون کين چيو هو تہ ’اوهان مان هر ڪو انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي اڇلائي ڇڏي جن کي اوهين چاهيو ٿا. اوهين مصر جي بتن جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘ 8پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. 9پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بيادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.
10سو مون انهن کي مصر ملڪ مان ڪڍي بيابان ۾ آندو. 11#لاو 18:5 مون انهن کي پنهنجا قاعدا قانون ٻڌايا ۽ پنهنجي حڪمن کان آگاهہ ڪيم. جيڪڏهن ڪو انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ئي جيئرو رهي سگھي ٿو. 12#خر 31:13-17 انهيءَ کان علاوہ مون هنن لاءِ پنهنجي سبت جا ڏينهن بہ مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اهي منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهن، تانتہ هو ڄاڻي وٺن تہ اهو آءٌ ئي خداوند آهيان جنهن کين پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.
13پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن. 14پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي آڏو منهنجي نالي جي بيادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ هنن کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. 15#ڳا 14:26-35 انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ پڪو پَهُہ ڪري ڇڏيو تہ آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ نہ وٺي ويندس، جيڪو مون انهن کي عطا ڪيو هو، جنهن ۾ آسودگيءَ ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي. 16مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بيحرمتي ڪيائون، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي بتن جي پوڄا کي وڌيڪ پسند ڪيو.
17انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجيءَ دل ۾ هنن لاءِ شفقت رکي. سو مون اهو فيصلو ڪيو تہ آءٌ کين بيابان ۾ نہ ماريان. 18انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ سندن نوجوان نسل کي خبردار ڪري چيو تہ ’اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قاعدن قانونن تي نہ هلو، نڪي سندن ريتن رسمن تي عمل ڪريو ۽ نہ وري انهن جي بتن جي پوڄا ڪري پاڻ کي پليت ڪريو. 19ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. سو اوهين منهنجي ئي قاعدن قانونن تي هلو ۽ منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪريو. 20اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘ 21پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان. 22انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجو هٿ روڪيو ۽ پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيم، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بيادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. 23#لاو 26:33 تڏهن مون بيابان ۾ قسم کڻي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.‘ 24مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.
25سو مون انهن کي ڇڏي ڏنو تہ ڀلي اهڙن قاعدن قانونن ۽ ريتن رسمن تي عمل ڪن جيڪي چڱيون نہ هيون ۽ جيڪي کين موت جي منهن ۾ وٺي ٿي ويون. 26مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي فضول قربانيون ڪندا رهن، جن ۾ سندن پهريتن پٽن کي باهہ ۾ قربان ڪرڻ بہ شامل هو، تانتہ آءٌ هنن کي برباد ڪري ڇڏيان، پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
27تنهنڪري اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هاڻي بني اسرائيل وارن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ انهن جي ابن ڏاڏن مون سان وري ٻيهر بہ بيوفائي ڪري منهنجي بيادبي ڪئي. 28جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو. 29تڏهن مون هنن کي چيو تہ ’اوهان جون اهي ٽڪر تي ٺهيل جايون ڇا لاءِ آهن، جيڏانهن اوهين وڃو ٿا؟‘ هنن انهن جاين کي #20:29 باماہ هن لفظ جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اوهين وڃو ٿا.“ جڏهن تہ باماہ جي معنيٰ ”مٿاهينءَ جاءِ وارو پوڄا گھر“ آهي.’باماہ‘ سڏيو ۽ اڄ تائين انهن کي ائين سڏيو ويندو آهي.
30تنهنڪري هاڻي تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڇو اوهين بہ پنهنجي ابن ڏاڏن واري راهہ تي هلندي پاڻ کي گنهگار ڪيو آهي؟ ڇو هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن پٺيان لڳي اوهين بہ بدڪار بڻجي ويا آهيو؟ 31بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“
بني اسرائيل خدا جي ضابطي هيٺ
32خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو. 33آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان پنهنجو قهر نازل ڪندي آءٌ اوهان تي حڪمراني ڪندس. 34منهنجو قهر تڏهن نازل ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي قومن منجھان ڪڍي ايندس. هائو، جن ملڪن ۾ اوهين ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا، اتان آڻي اوهان کي گڏ ڪندس. 35آءٌ اوهان کي هڪڙي بيابان ۾ آڻيندس، جنهن جي چوڌاري قومن جو گھيرو هوندو. اتي آءٌ اوهان جي روبرو اوهان جي سزا ٻڌائيندس. 36جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ جي بيابان ۾ سزا ٻڌائي هئي، تيئن آءٌ خداوند خدا اوهان کي بہ ٻڌائيندس. 37آءٌ اوهان کي سختيءَ سان پنهنجي ضابطي هيٺ رکندس ۽ پنهنجي عهد تي اوهان کان عمل ڪرائيندس. آءٌ نيڪن کي بدڪارن مان ائين چونڊي ڪڍندس، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ مان چونڊ ڪندو آهي. 38هائو، آءٌ اوهان منجھان باغين ۽ گنهگارن کي ڪڍي ڌار ڪندس. جنهن ملڪ ۾ اهي هاڻي رهن ٿا اتان کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس، پر انهن کي آءٌ سندن وطن بني اسرائيل جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
39سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بيادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس. 40جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن هر ڪو بني اسرائيل سندس ملڪ ۾ يروشلم شهر جي مٿاهين جاءِ يعني منهنجي پاڪ جبل تي مون خداوند خدا جي بندگي ڪندو. اتي آءٌ اوهان سان راضي هوندس ۽ اوهان منهنجي قائدن قانونن موجب مون لاءِ مخصوص قربانيون ۽ بهترين نذرانا پيش ڪندا جيڪي آءٌ قبول ڪندس. 41جڏهن آءٌ اوهان کي غير قومن مان ڪڍي وطن آڻيندس ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ خوشبوءِ واريون قربانيون قبول ڪندس ۽ اوهان سان راضي ٿيندس. پوءِ ڌرتيءَ جي هر قوم ڏسندي تہ آءٌ ڪيڏو نہ پاڪ ۽ عظيم آهيان. 42جڏهن آءٌ اوهان کي بني اسرائيل جي سرزمين ۾ يعني انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 43پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا. 44اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جي بڇڙي چال چلت ۽ اوهان جي بدڪارين مطابق اوهان سان سلوڪ نہ ڪندس، بلڪ پنهنجي نالي جي خاطر اوهان کي سڌاريندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
ڏکڻ ۾ باهہ
45 خداوند مون کي فرمايو تہ 46”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪري انهيءَ سان مخاطب ٿيءُ ۽ #20:46 ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جيئن تہ حزقيايل اتر واري بابل ملڪ ۾ جلاوطن هو، سو هن يهوداہ ملڪ ڏانهن منهن ڪيو جيڪو ڏکڻ ۾ هو (ڏسو 21:2 پڻ).ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي خلاف اڳڪٿي ڪر. 47ڏکڻ واري ٻيلي کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، آءٌ تو منجھہ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جيڪا تنهنجي سڪن توڙي ساون وڻن کي بہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. ڪوبہ انهيءَ کي وسائي ڪونہ سگھندو ۽ ڏکڻ کان اتر تائين هر انسان جو منهن انهيءَ باهہ سان لهسجي ويندو. 48هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ اها باهہ مون خداوند ڀڙڪائي آهي، جيڪا وسامي نہ ٿي سگھي.‘“ 49تڏهن مون عرض ڪندي چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کان اهو ڪم نہ ڪراءِ، ڇاڪاڻ تہ اڳي ئي هر ڪو شڪايت پيو ڪري تہ مون اهڙن مثالن سان کين منجھائي ڇڏيو آهي.“