19
يهوداہ ملڪ جي بادشاهن بابت مرثيو
1خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل! تون بني اسرائيل جي ٻن بادشاهن تي هي مرثيو ڳائيندي چئُہ تہ
2’اي بادشاهہ! تنهنجي #19:2 ماءُ ماءُ مان مراد گھڻو ڪري بني اسرائيل قوم يا دائود بادشاهہ جو شاهي گھراڻو آهي.ماءُ ڪيڏي نہ دلير شينهڻ هئي!
جنهن جوان شينهنِ جي وچ ۾ رهي پنهنجي ٻچن کي پاليو.
3انهيءَ پنهنجي ٻچن مان هڪڙي کي پالي وڏو ڪيو،
۽ شڪار ڪرڻ سيکاريائينس.
اهو جوان ٿي ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.
4جڏهن قومن انهيءَ بابت ٻڌو،
تہ هنن هڪ کڏ کوٽي انهيءَ ۾ آڻي کيس ڦاسايو.
پوءِ هو کيس لوهي ڪنڍا وجھي گهلي #19:4 مصر ملڪ ۾ بادشاهي هلائڻ جي ٽن مهينن اندر سن 609 قبل مسيح ۾ يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يهوآخز کي گرفتار ڪري مصر ملڪ ۾ آڻي جلاوطن ڪيو ويو هو (ڏسو 2 بادشاهہ 23:24).مصر ملڪ ۾ وٺي ويا.
5انهيءَ ٻچي جي ماءُ ان جي موٽڻ جو انتظار ڪندي رهي،
پر جڏهن ان جي موٽڻ جي ڪا اميد نہ رهيس،
تڏهن هن پنهنجي ٻچن مان هڪڙي ٻئي کي پالي وڏو ڪيو،
جيڪو وڏو ٿي هڪ طاقتور شينهن بڻيو.
6اهو ٻين شينهن سان گڏ شڪار ڪرڻ لڳو،
۽ اهڙو طاقتور ٿي پيو جو ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.
7هن ڪيئي قلعا تباهہ ڪيا ۽ شهرن کي برباد ڪري ڇڏيو،
هن جي گجگوڙ وارو آواز ٻڌي،
ملڪ جو هر ڪو رهاڪو ڏڪي ويندو هو.
8تڏهن قومون انهيءَ کي مارڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لڳيون.
هائو، هر طرف کان ماڻهو اچي گڏ ٿيا.
هنن پنهنجا شڪاري ڄار مٿس اڇلايا،
۽ انهيءَ کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌائون.
9پوءِ هنن انهيءَ کي لوهي ڪنڍا وجھي جڪڙي بند ڪيو،
۽ بابل جي بادشاهہ وٽ کڻي ويس.
هنن اتي ان کي هڪڙي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو،
انهيءَ لاءِ تہ ان جي گجگوڙ جو آواز
بني اسرائيل جي جبلن تي وري ٻڌڻ ۾ نہ اچي.
10اي بادشاهہ!
تنهنجي ماءُ انگورن جي انهيءَ ول جهڙي هئي،
جيڪا پاڻيءَ جي ڀر سان پوکي ويئي هئي.
جھجھي پاڻيءَ جي ڪري اها گھڻين ٽارين واري ٿي پيئي،
۽ تمام گھڻو ڦر جھليائين.
11ان جون شاخون ايتريون تہ مضبوط ٿيون جو
انهن مان بادشاهن جي حڪمرانيءَ واريون شاهي لٺيون بڻيون.
گھاٽين شاخن جي وچ ۾ انهيءَ ول جو ٿُڙ بلند ٿيو،
ايتري قدر جو اها ول بلنديءَ
۽ ٽارين جي گھڻائيءَ سان نهايت اوچي ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
12پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو،
۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي.
جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو،
۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون،
۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
13پوءِ هاڻي انهيءَ ول کي بيابان ۾،
هڪڙي خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ پوکيو ويو آهي.
14ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي،
جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون.
جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي،
جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“
هي اهو مرثيو آهي،
جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي.