Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 21

21
خداوند جي تلوار
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ اتان جي رهاڪن کي مقدس هيڪل خلاف پيغام ٻڌاءِ، بلڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ کي خبردار ڪر تہ 3’ياد رک، آءٌ خداوند خدا تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍندس. پوءِ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس. 4منهنجي تلوار ڏکڻ کان اتر تائين سڀني انسانن مٿان وهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس. 5تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ مون خداوند پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي آهي، جيڪا هاڻ موٽي مياڻ ۾ نہ ويندي.‘
6تنهنڪري اي حزقي‌ايل! آهون ۽ دانهون ڪر، هائو، ڏک ۽ صدمي وچان آهون دانهون ڪر، جيئن هر ڪو تو کي ڏسي. 7جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
8 خداوند مون کي فرمايو تہ 9”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
تلوار، هائو، تلوار تکي ڪري چمڪائي ويئي آهي.
10اها تلوار انهيءَ لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ
وڏو ڪوس ڪري.
اها انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر چمڪي.
پوءِ منهنجي پٽ يهوداہ جي شاهي لٺ ۾
ڪابہ خوشي نہ رهندي،
ڇاڪاڻ تہ تلوار اهڙي هر ڪنهن لٺ کي حقير ٿي سمجھي.
11تلوار انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي،
تہ جيئن قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي.
هائو، اها تکي ڪئي ويئي آهي ۽ چمڪائي ويئي آهي،
انهيءَ لاءِ تہ قاتل ڪوس وجھڻ لاءِ تيار رهي.
12اي حزقي‌ايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر،
ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم
۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي.
هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ
قتل ٿيڻ وارا آهن.
تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِ‌ويلا ڪر.
13آءٌ پنهنجيءَ قوم کي آزمائي رهيو آهيان.
جيڪڏهن اها تلوار يهوداہ جي شاهي گھراڻي کي
حقير سمجھي ناس ڪري ڇڏي،
تہ پوءِ هو ڇا ڪري سگھندا؟
14تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد!
منهنجو اهو پيغام ٻڌاءِ،
بلڪ تاڙيون وڄائي جنگ شروع ڪراءِ.
منهنجي اها تلوار وري وري پيئي حملو ڪندي،
جيڪا فتح ڪندڙ، دهشت ڏياريندڙ
۽ ماڻهن ۾ ڪوس وجھندڙ تلوار آهي.
15اهي پنهنجي همت بلڪل هاري ويهندا،
۽ خوف وچان ٿاٻڙجڻ لڳندا،
ڇاڪاڻ تہ منهنجي ڪوس وجھندڙ تلوار
سندن شهر جي هر دروازي تي وڄ جيان چمڪندي
۽ قتل ڪرڻ لاءِ تيار هوندي.
16اها تلوار ساڄي توڙي کاٻي پاسي وڍيندي ويندي.
هائو، اڳيان توڙي پٺيان جيڏانهن بہ انهيءَ جو منهن ٿيندو،
قتلام ڪندي ويندي.
17آءٌ ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ هڻندس
جيستائين منهنجو غضب ڍرو ٿئي.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل جي بادشاهہ جو تلوار کڻي جنگ لاءِ تيار ٿيڻ
18 خداوند مون کي فرمايو تہ 19”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هڪڙو نقشو ٺاهہ جنهن ۾ بابل جي بادشاهہ جو تلوار سميت ٻاهر نڪرڻ جو رستو نشان طور ڏيکار. پر اڳتي هلي انهيءَ مان ٻن رستن جي نڪرڻ جو نشان ڏيکار. هڪڙو رستو هڪڙي شهر ڏانهن وڃي ۽ ٻيو رستو ٻئي شهر ڏانهن وڃي. انهن شهرن جي نالن جون تختيون لڳل بہ ڏيکار. 20جن مان هڪڙو رستو بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ ڏانهن ويندڙ هجي ۽ ٻيو رستو يهوداہ جي ڪوٽ واري شهر يروشلم ڏانهن ويندڙ هجي. 21انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو. 22پوءِ ڇا ٿيندو جو ڦال ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ تير ايندو جنهن تي يروشلم لاءِ نشان لکيل هوندو. تڏهن هو هڪدم اشارو ڏيندو تہ جنگ جو نعرو هنيو وڃي، يروشلم شهر جي ڀتين تائين مٽيءَ جا دِڪا ٻڌا وڃن، مورچا ٺاهيا وڃن، دروازن ڀڃڻ واريون مشينون لڳايون وڃن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي. 23يروشلم وارا بابل سان کنيل قسم جي ڪري يقين نہ ڪندا تہ ڦال وجھڻ جو اهڙو نتيجو نڪرندو. پر بابل جي بادشاهہ جي تلوار کين سندن ڪيل گناهن واري راهہ ياد ڏياريندي ۽ اهي بابلين جي قبضي هيٺ اچي ويندا.
24اي حزقي‌ايل! تون يروشلم جي ماڻهن ۽ سندن اڳواڻن جي خلاف مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان جي بدڪاري ثابت ٿي آهي ۽ اوهان جي خطاڪاري ظاهر ٿي پيئي آهي. ايتري قدر جو اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا سا بدڪاري آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهين ڪيڏا نہ گنهگار آهيو. هائو، اوهين ڏوهاري آهيو، تنهنڪري اوهان کي قيدي بڻائي دشمنن جي حوالي ڪيو ويندو.
25اي بڇڙا ۽ پليت #21‏:25 اسرائيل جا بادشاهہ! يعني بادشاهہ صدقياہ (ڏسو يرمياہ 39‏:1‏-7).اسرائيل جا بادشاهہ!
تنهنجو ڏينهن،
هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.
26آءٌ خداوند خدا تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ
تون هاڻي پنهنجي شاهي پڳ ۽ تاج لاهي ڇڏ،
ڇاڪاڻ تہ هر شيءِ بدلجي ويندي.
جيڪي پست آهن تن کي بلند ڪيو ويندو
۽ جيڪي بلند آهن تن کي پست ڪيو ويندو.
27بربادي، بربادي، هائو، آءٌ يروشلم کي برباد ڪري ڇڏيندس.
پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اهو شخص ايندو،
جنهن کي مون سزا ڏيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
پوءِ آءٌ اهو شهر سندس حوالي ڪندس.‘“
خداوند جي تلوار يعني عمونين لاءِ سزا
28 # ير 49‏:1‏-6، حز 25‏:1‏-7، عا 1‏:3‏-15، صف 2‏:8‏-11 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي.
اها ڪوس لاءِ تيار آهي.
انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي
تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.
29اي بدڪار ۽ پليت عمونيؤ!
اوهين ڪوڙيون رويائون ٻڌايو ٿا
۽ ڪوڙين اڳڪٿين تي يقين ٿا ڪريو.
اوهان جي سزا جو ڏينهن اچي ويجھو پهتو آهي
جڏهن منهنجي تلوار اوهان ۾ ڪوس وجھندي.‘“
خدا جي تلوار يعني بابلين لاءِ سزا
30خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي تلوار! تون هاڻي پنهنجي مياڻ ۾ وڃي پئُہ.
آءٌ تنهنجي ڄمڻ واري هنڌ،
تنهنجي وطن ۾ ئي تو کي سزا ڏيندس.
31آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس،
۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس.
آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس،
جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.
32تون باهہ جو کاڄ بڻبينءَ،
۽ تنهنجو رت تنهنجي ڌرتيءَ تي ئي وهايو ويندو.
پوءِ تنهنجو نالو نشان بہ نہ رهندو.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 21: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in