Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 15

15
بي‌ڦل انگورن جي ول جو مثال
1 خداوند مون کي فرمايو تہ
2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد!
انگورن جي ول ڪهڙي ڪم جي آهي؟
اها ٻيلي جي وڻن جي برابر تہ نہ آهي،
نڪي ان جون ڏانڊيون ڪنهن وڻ جي ڪاٺ جهڙيون آهن.
3انهيءَ ۾ ڪا اهڙي ڪاٺي ئي ڪانهي،
جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگھجي.
انهيءَ مان ڪا ڪلي بہ نہ ٿي ٺاهي سگھجي،
جنهن تي ڪو ٿانءُ ئي ٽنگي سگھجي.
4ڏس، جيڪڏهن انهيءَ کي ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اڇلايو وڃي،
۽ پوءِ جڏهن باهہ انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن کي ساڙي ڇڏي
۽ انهيءَ جو وچون حصو ڪجھہ بچي وڃي،
تڏهن اها ڪنهن ڪم جي لائق رهي ٿي ڇا؟
5ياد رک، جڏهن اها سڄي ساري هئي،
تڏهن بہ ڪنهن ڪم جي لائق نہ هئي.
هاڻي جڏهن باهہ انهيءَ جي گھڻي حصي کي ساڙي ڇڏيو آهي
۽ ڪجھہ بچي ويئي آهي،
تڏهن ويتر اها وڌيڪ بيڪار ٿي ويئي آهي.
6انهيءَ مثال جو مقصد آءٌ خداوند خدا سمجھايان ٿو تہ جهڙيءَ طرح انگورن جي ول ٻيلي جي ٻين وڻن جي ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ بيڪار آهي، ۽ رڳو باهہ ۾ ساڙي وڃي ٿي، تهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ باهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس. 7هائو، آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. انهن مان ڪي #15‏:7 باهہ مان نڪري ڀڄي ويا گھڻو ڪري باهہ جنهن مان ماڻهو نڪري ڀڄي ويا، تنهن جو مقصد بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي يروشلم تي سن 596 قبل مسيح ۾ قبضو ڪرڻ آهي. ايندڙ باهہ گھڻو ڪري انهيءَ واقعي جي اڳڪٿي آهي جڏهن نبوڪدنضر سن 586 قبل مسيح ۾ يروشلم کي برباد ڪيو هو.باهہ مان نڪري ڀڄي ويا پر هاڻي باهہ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن آءٌ انهن کي سزا ڏيندس تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 8جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري آءٌ سندن ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 15: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in