10
خداوند جي جلوي جو هيڪل تان هٽي وڃڻ
1 #
حز 1:26، مڪا 4:2 پوءِ جڏهن مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهن چئني #10:1 پردار آسماني مخلوق ڏسو 1:15 جنهن ۾ پردار آسماني مخلوق جي بيان ۾ ”چئن ساهوارن“ جو ذڪر ڪيل آهي.پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري گنبذ تي نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي بناوٽ تخت جهڙي هئي. 2#مڪا 8:5 تڏهن خداوند عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي فرمايو تہ ”تون پردار آسماني مخلوق جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان اندر گھڙي وڃ ۽ پردار آسماني مخلوق جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن مان ٻئي مٺيون ڀري کڻي اچ ۽ اهي يروشلم شهر جي مٿان هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏ.“ تڏهن اهو ماڻهو منهنجي ڏسندي اندر گھڙي ويو. 3جنهن وقت هو اندر ويو، تنهن وقت پردار آسماني مخلوقات هيڪل جي ڏاکڻي پاسي بيٺل هئا. تڏهن هڪڙو ڪڪر اندرين اڱڻ ۾ ڇانئجي ويو. 4ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو. 5پردار آسماني مخلوق جي پرن جو آواز ايڏو تہ وڏو هو جو ڄڻ قادرِمطلق خدا جي ڳالهائڻ جو آواز هجي. اهو آواز ٻاهرين اڱڻ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
6جڏهن خداوند عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي اهو حڪم ڏنو تہ هو پردار آسماني مخلوق هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان گھڙي ٽانڊا کڻي اچي، تڏهن هو اندر گھڙي هڪڙي ڦيٿي جي ڀرسان وڃي بيٺو. 7ان وقت چئني پردار آسماني مخلوقات مان هڪڙي پنهنجو هٿ ڊگھيڙي وچ ۾ ٻرندڙ باهہ مان ڪجھہ ٽانڊا کڻي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿن تي رکيا. هو اهي ٽانڊا کڻي ٻاهر نڪري آيو.
8مون نهاري ڏٺو تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوقات جي وچ ۾ سندن پرن هيٺان مون کي انساني هٿ نظر آيا. 9#حز 1:15-21 مون اهو بہ ڏٺو تہ انهن مخلوقات جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هر هڪ جي پاسي ۾ هڪ هڪ ڦيٿو هو. اهي ڦيٿا قيمتي پٿر جيان چمڪي رهيا هئا 10۽ سڀيئي بلڪل هڪجهڙا هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ هر ڦيٿي منجھہ ٻيو ڦيٿو پيل هجي. 11اهي ڦيٿا هلڻ وقت چئني پاسن ڏانهن هلي ٿي سگھيا. هلندي وقت اهي مڙيا نہ ٿي، بلڪ جنهن پاسي انهن مخلوقات جو منهن ٿيو پئي تنهن پاسي ڏانهن اهي سڌا هليا ٿي ۽ هلندي مڙيا نہ ٿي. 12#مڪا 4:8 مون اهو بہ ڏٺو تہ پردار آسماني مخلوق مان هر هڪ جو سڄو بدن، سندن پٺا، هٿ، پر ۽ انهن جا ڦيٿا چوڌاري اکين سان ڀريل هئا. 13مون هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن انهن ڦيٿن کي ”چرخو“ ڪري سڏيو.
14 #
حز 1:10، مڪا 4:7 هر هڪ مخلوق کي چار منهن هئا. سندن پهريون منهن ڍڳي جهڙو هو، ٻيو انسان جهڙو، ٽيون شينهن جهڙو ۽ چوٿون عقاب جهڙو هو. 15اهي پردار آسماني مخلوقات بلڪل اهي ساڳيا ئي ساهوارا هئا، جيڪي مون ڪبار نهر جي ڀرسان ڏٺا هئا. جڏهن اهي مٿي بلند ٿي ٿيا، 16تڏهن انهن جي هلڻ سان سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ ٿي هليا. جڏهن انهن زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر بلند ٿي ڪيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا. 17جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ بيهي ٿي رهيا. جڏهن اهي مٿي چڙهيا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا.
18پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني هيڪل جي دروازي تان بلند ٿي ۽ وڃي پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري جاءِ تي بيٺي. 19تڏهن انهن پنهنجا پر پکيڙيا ۽ منهنجي ڏسندي ئي اهي زمين تان مٿي چڙهي ويا ۽ سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا. پوءِ اهي هيڪل جي اوڀر طرف واري دروازي جي لنگھہ وٽ وڃي بيٺا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني انهن جي مٿان هئي.
20مون انهن مخلوقات کي سڃاڻي ورتو. اهي بلڪل ساڳيا ئي هئا جن کي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي بني اسرائيل جي خدا جي جلوي هيٺان بيٺل ڏٺو هو. 21انهن مان هر هڪ کي چار چار منهن ۽ چار چار پر هئا. انهن جي پرن هيٺان ماڻهن جي هٿن جهڙا هٿ هئا. 22انهن جا منهن بلڪل اهڙا ئي هئا، جهڙا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺا هئا ۽ پاڻ بہ بلڪل اهي ساڳيا ئي هئا. اهي سڀ جو سڀ سڌا ٿي هليا.