Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 9

9
يروشلم وارن ۾ قتلام
1پوءِ مون وڏي آواز ۾ خداوند جي هڪل ٻڌي تہ ”اي اوهين! جن کي يروشلم شهر جي برباديءَ لاءِ چونڊيو ويو آهي، سي شهر ڏانهن هليا اچو. اوهين پنهنجا موتمار هٿيار پاڻ سان کنيو اچو.“ 2تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.
3تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ #9‏:3 پردار آسماني مخلوق هيڪل جي مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما هئا جن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تخت‌نشين سمجھيو ويندو هو. پر هتي حقيقي پردار آسماني مخلوقات آهن جيڪي رويا ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو. 4#مڪا 7‏:3، 9‏:4، 14‏:1 خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“ 5پوءِ مون ٻڌو تہ خداوند ٻين ڇهن ماڻهن کي فرمايو تہ ”اوهين هن جي پٺيان شهر وچان لنگھي وڃو ۽ قتلام ڪريو. اوهين ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيو، نڪي ڪنهن تي ڪو رحم ڪريو. 6پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.
7خدا کين وڌيڪ فرمايو تہ ”هيڪل جي اڱڻن ۾ لاشن جا ڍير ڪري منهنجي هيڪل کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو. نڪرو جلدي ڪريو.“ تڏهن هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس شروع ڪري ڏنائون.
8هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“ 9تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي. 10سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“
11پوءِ مون ڏٺو تہ جنهن ماڻهوءَ کي عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس چيلهہ سان قلمدان ٻڌل هو، سو موٽي آيو ۽ خداوند کي اچي اطلاع ڏنائين تہ ”جيئن تو حڪم ڏنو هو، تيئن مون ڪري ڇڏيو آهي.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 9: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in