Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 11

11
بدڪار اڳواڻن لاءِ سزا
1پوءِ خدا جي روح مون حزقي‌ايل کي مٿي کڻي هيڪل جي اوڀر واري دروازي وٽ آندو. اتي دروازي جي لنگھہ وٽ مون کي پنجويهہ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ قوم جا ٻہ اڳواڻ يازنياہ ولد عزور ۽ فلطياہ ولد بناياہ پڻ شامل هئا. 2خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين ۽ هن شهر ۾ بڇڙيون صلاحون ٿا ڏين. 3اهي چون ٿا تہ ’اسين جلد ئي وري گھرن کي اڏينداسين. هي شهر ديڳ مثل آهي ۽ اسين انهيءَ ۾ گوشت مثل آهيون. پر گھٽ ۾ گھٽ اها ديڳ اسان کي سڌي باهہ کان محفوظ رکي ٿي.‘ 4تنهنڪري هاڻي تون انهن جي خلاف منهنجو پيغام ٻڌائي ڇڏ. هائو، اي آدمزاد! تون کين ٻڌائي ڇڏ.“
5پوءِ خداوند جو روح مون تي نازل ٿيو ۽ خداوند ماڻهن کي سندس هي پيغام ٻڌائڻ جو حڪم فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي ڪجھہ چئو ٿا ۽ جيڪي بہ منصوبا دلين ۾ جوڙيو ٿا سي سڀ آءٌ ڄاڻان ٿو. 6اوهان هن شهر ۾ ايترا تہ خون ڪيا آهن جو شهر جون گھٽيون لاشن سان ڀرجي ويون آهن. 7تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هي شهر بيشڪ اها ديڳ آهي، پر اوهان جن کي قتل ڪري سڄي شهر ۾ لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا آهن، سي ئي اُنهيءَ محفوظ گوشت مثل آهن جيڪو ديڳ ۾ آهي، پر اوهين نہ. آءٌ تہ اوهان کي هن شهر کان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيندس. 8جيئن تہ اوهين جنگ کان ڊڄو ٿا، سو مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ جنگي لشڪر ئي اوهان تي چاڙهي آڻيندس. 9آءٌ اوهان کي هن شهر مان تڙي ڪڍندس ۽ ڌارين جي حوالي ڪندس. آءٌ اوهان جي قتلام جو فيصلو ڪري چڪو آهيان. 10سو اوهين پنهنجي ئي ملڪ اندر جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 11هي شهر ديڳ بڻجي اوهان جي حفاظت نہ ڪندو، نہ ئي وري اوهين انهيءَ ۾ گوشت بڻجي محفوظ ٿيندا، بلڪ اوهان جي خلاف منهنجو قتلام وارو فيصلو بني اسرائيل جي ملڪ جي حدن اندر ئي پورو ٿي ويندو. 12تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن جي حڪمن تي اوهين نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪئي اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي ئي عمل ڪيو آهي.“
13پوءِ جڏهن مون خداوند جو اهو پيغام پئي ٻڌايو، تڏهن اوچتو فلطياہ ولد بناياہ ڪري مري ويو. سو آءٌ منهن ڀر ڪري پيس ۽ وڏي آواز سان پڪاري چيم تہ ”هاءِ! اي خداوند! تون بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندين ڇا؟“
جلاوطنن سان خدا جو واعدو
14 خداوند مون کي فرمايو تہ 15”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! يروشلم شهر جا رهڻ وارا دعويٰ ٿا ڪن تہ تون ۽ تنهنجا مٽ مائٽ، ۽ ٻيا بني اسرائيل جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيل آهن سي مون خداوند جي حضور مان تڙيا ويا آهن. اهي اها بہ دعويٰ ڪن ٿا تہ هاڻي ورثي ۾ مليل ملڪ رڳو انهن کي ئي ڏنو ويو آهي. 16پر تون جلاوطن ٿيلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيتوڻيڪ مون ئي اوهان کي ڏورانهين قومن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڌارين ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ جن جن ملڪن ۾ اوهين ويا آهيو اتي ڪنهن حد تائين اوهين منهنجي عبادت ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ موجود آهيان. 17اوهين جن جن ملڪن ۾ پکيڙيا ويا آهيو، آءٌ اوهان کي اتان ڪڍي پنهنجي ملڪ ۾ آڻيندس جيڪو وري اوهان جو ورثو ٿيندو. 18جڏهن اوهين اتي موٽي ايندا، تڏهن سموريون بت‌پرستيءَ جون گنديون ۽ ڪراهت جهڙيون شيون ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندا. 19#حز 36‏:26‏-28 آءٌ اوهان کي هڪڙي نئين دل ۽ نئون ذهن عطا ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس. 20پوءِ اوهين منهنجي قاعدن تي هلندا ۽ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا. تڏهن اوهين حقيقت ۾ منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس. 21پر جن جي دل پنهنجي گندن ۽ ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا ڪرڻ ڏانهن مائل آهي، تن کي آءٌ سندن افعالن موجب ئي سزا ڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
خداوند جي جلوي جو يروشلم تان هٽي وڃڻ
22 # حز 43‏:2‏-5 خداوند جي ڳالهائڻ کان پوءِ پردار آسماني مخلوق پنهنجا پر پکيڙي اڏامڻ شروع ڪيو ۽ ڦيٿا بہ ساڻن گڏ هئا. بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني بہ سندن مٿان هئي. 23پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني يروشلم شهر کي ڇڏي رواني ٿي ۽ يروشلم جي اوڀر طرف واري زيتون نالي جبل ڏانهن هلي ويئي. 24پوءِ خداوند جي روح مون کي مٿي کڻي موٽائي آڻي بابل ۾ جلاوطنن وٽ لاٿو. تڏهن جيڪا رويا آءٌ ڏسي رهيو هئس سا پوري ٿي. 25پوءِ مون جلاوطن ٿيلن کي خداوند جون اهي سڀيئي ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون، جيڪي رويا ۾ مون کي ڏيکاريون ويون هيون.

Currently Selected:

حزقي‌ايل 11: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in