YouVersion Logo
Search Icon

ڪلسين 2

2
1آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان لاءِ، اوهان جي ڀر واري شهر لوديڪيا ۾ رهندڙن لاءِ ۽ انهن سڀني لاءِ جن ذاتي طور مون کي نہ ڏٺو آهي، آءٌ ڪيتري قدر سخت جدوجهد ٿو ڪريان. 2اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان خدا جي راز، يعني مسيح کي ڄاڻين، 3جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.
4هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي گمراهہ نہ ڪري وجھي. 5ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.
ڀرپور زندگي
6سو جيئن تہ اوهان عيسيٰ مسيح کي پنهنجو خداوند ڪري قبول ڪيو آهي، تنهنڪري انهيءَ ۾ زندگي گذاريندا رهو. 7هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي تعليم ملي آهي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.
8خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ گمراهہ ڪندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن دنيا جي ابتدائي اصولن تي آهي. 9سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ذات جي سڄي ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ئي ٿي رهي 10۽ مسيح ۾ اوهان کي ڀرپور زندگي ملي آهي. هو ئي هر حڪمران ۽ اختيار واري جو مالڪ آهي. 11مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو. 12#رو 6‏:4 اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنهن کيس مئلن مان جياريو، تنهن جي انهيءَ قدرت تي ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.
13 # اف 2‏:1‏-5 اوهين تہ پنهنجي گناهن جي ڪري ۽ پنهنجي گناهن سان ڀريل فطرت لٿل نہ هئڻ ڪري مئل هئا، پر خدا اوهان کي بہ مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. هن اسان جا سمورا گناهہ بخشي 14#اف 2‏:15 پنهنجي حڪمن واري انهيءَ دستاويز کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هو. هائو، هن انهيءَ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو. 15خدا ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ حڪمرانن ۽ اختيار وارن کان هٿيار کسي کين کُليو کُلايو تماشو بڻايو. هائو، مسيح جي صليب واري موت جي ڪري انهن تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.
16 # رو 14‏:1‏-6 تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا #2‏:16 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص عبادت جو ڏينهن هوندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي. 17اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي. 18ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ ملائڪن جي پوڄا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ زندگي گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان محروم رکي. اهڙو ماڻهو رويائن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي جسماني عقل تي ڦونڊجي ٿو. 19#اف 4‏:15‏-16 اهو ماڻهو بدن جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو بدن سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ خدا جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.
20جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن دنيا جي ابتدائي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن دنيا جا آهيو؟ ڇو اهڙن دنياوي قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ 21”هن شيءِ کي هٿ ۾ نہ کڻو،“ ”هن کي نہ چکو،“ ”هن کي نہ ڇُهو“؟ 22اهڙي قسم جا حڪم ۽ اهڙي تعليم انسانن جي ٺاهيل آهي، جڏهن تہ اهي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون. 23اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون عبادت، نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ جسماني خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.

Currently Selected:

ڪلسين 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in