اوهين تہ پنهنجي گناهن جي ڪري ۽ پنهنجي گناهن سان ڀريل فطرت لٿل نہ هئڻ ڪري مئل هئا، پر خدا اوهان کي بہ مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. هن اسان جا سمورا گناهہ بخشي پنهنجي حڪمن واري انهيءَ دستاويز کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هو. هائو، هن انهيءَ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو.