YouVersion Logo
Search Icon

ڪلسين 3

3
پراڻي ۽ نئين فطرت
1 # زب 110‏:1 هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي عرش عظيم تي آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي. 2هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي عرش عظيم تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي زمين تي آهن، 3ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جي زندگي هاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آهي. 4پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جي زندگي آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.
5تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بت‌پرستيءَ جي برابر آهي. 6انهن ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 7اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب زندگي گذاريندا هئا. 8پر هاڻي اوهين هي سموريون ڳالهيون بہ ڇڏي ڏيو، يعني غضب، ڪاوڙ، بدنيتي، گلاخوري ۽ گاريون ڏيڻ. 9#اف 4‏:22 نڪي اوهين هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهايو، ڇو تہ اوهان پراڻي انساني فطرت کي سندس عادتن سميت لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي 10#پيد 1‏:26‏-27، اف 4‏:24 ۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي خالق جي صورت موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين خدا جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا. 11نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.
12 # اف 4‏:2 تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو. 13#اف 4‏:32 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو. 14انهن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪا انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي. 15ان کان علاوہ مسيح جي سلامتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ بدن ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو. 16#اف 5‏:19‏-20 مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو. 17اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.
گھرو معاملن بابت
18 # اف 5‏:22، 1.پط 3‏:1 اي زالون! خداوند عيسيٰ جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو.
19 # اف 5‏:25، 1.پط 3‏:7 اي مڙ‌سؤ! پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.
20 # اف 6‏:1 اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي.
21 # اف 6‏:4 اي پيئرؤ! پنهنجن ٻارن کي چڙ نہ ڏياريو جو متان هو بي‌دل ٿي پون.
22 # اف 6‏:5‏-8 اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صاف‌دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو. 23جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ. 24اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي خدمت جي عيوض ۾ اوهان کي خداوند کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين خداوند مسيح جي خدمت ڪندا رهو. 25#شر 10‏:17، اف 6‏:9 ياد رکو، جيڪو غلط ڪم ڪري ٿو تنهن کي پنهنجي انهن ڪمن جو بدلو ملندو، ڇاڪاڻ تہ خدا وٽ ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.

Currently Selected:

ڪلسين 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in