6
ستن خدمتگارن جو چونڊجڻ
1ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي رننزالن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي. 2تنهنڪري ٻارهن رسولن سڀني ايمان وارن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڇڏي ڏيون. 3تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻهو چونڊيو، جيڪي پاڪ روح ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين. 4پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“ 5رسولن جي صلاح تي سڄي جماعت خوش ٿي. سو انهيءَ جماعت هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤس جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي مذهب ۾ شامل ٿيو. 6جماعت انهن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.
7اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.
استيفنس خدمتگار جي گرفتاري
8استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻهن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو. 9پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ عبادتخاني جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا. 10پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا. 11تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“ 12اهڙيءَ طرح هنن شريعت جي عالمن سميت يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون. 13پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي. 14اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ عيسيٰ ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“ 15تڏهن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن ملائڪ جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.