YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 5

5
حننياہ ۽ سفيرہ
1ساڳيءَ طرح حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس زال سفيرہ گڏجي پنهنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي. 2پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي. باقي پئسا کڻي هن رسولن جي قدمن ۾ آڻي رکيا. 3تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟ 4جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“ 5حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. 6تڏهن ڪي جوان ماڻهو اٿيا ۽ هن جو لاش ويڙهي ٻاهر کڻي ويا ۽ ان کي دفنائي ڇڏيائون.
7اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هن جي زال اندر آئي، پر کيس هن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي. 8پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پئسا اهي ئي هئا جيڪي تو کي ۽ تنهنجي مڙس کي اوهان جي ملڪيت مان مليا هئا؟“ هن وراڻيس تہ ”هائو، اهي ئي پئسا مليا هئا.“ 9تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي مڙس کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“ 10انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس. 11سڄي ڪليسيا جي ماڻهن ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.
معجزا ۽ ڪرامتون
12 رسول ماڻهن ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي ايمان وارا هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا. 13جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين. 14تنهن هوندي بہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻيندڙ مردن توڙي عورتن جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو. 15رسولن جا معجزا ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي. 16ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.
رسولن کي ستائڻ
17پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻهو هئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي رسولن خلاف اُٿي کڙا ٿيا 18۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون. 19پر انهيءَ رات خداوند جي هڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ 20”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“ 21انهيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ تعليم ڏيڻ لڳا.
هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن رسولن کي آڻي حاضر ڪن. 22پر جڏهن سپاهي اتي پهتا تہ انهن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اهي ڪائونسل ڏانهن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ 23”جڏهن اسين اتي پهتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح تالو لڳل ڏٺو ۽ سڀ پهريدار دروازن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. پر جڏهن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“ 24جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا. 25ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم پيا ڏين.“ 26سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي رسولن کي وٺي آيو. سپاهين رسولن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.
27هنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيهاريو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي 28#مت 27‏:25 کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“ 29پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ لازمي آهي. 30توڙي جو اوهان عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو. 31نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ سندن گناهہ بخشي ڇڏي. 32اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“
33جڏهن ڪائونسل جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. 34پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت هئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. 35پوءِ هن ڪائونسل کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين هنن سان جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سوچي سمجھي ڪريو. 36ڪجھہ عرصو اڳي ٿيوداس نالي هڪڙو شخص ظاهر ٿيو هو، جنهن دعويٰ ڪئي هئي تہ هو هڪ وڏي هستي آهي. اٽڪل چار سؤ ماڻهو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏهن هو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندن سرگرميون مٽيءَ ۾ ملي ويون. 37ان کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي ظاهر ٿيو ۽ هن ڪيترائي ماڻهو پنهنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. 38سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو. 39پر جيڪڏهن اهو خدا جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي غالب پئجي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين خدا جي مخالفت ڪندا.“
ڪائونسل گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي. 40تنهن هوندي بہ هنن رسولن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. 41رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ خدا کين انهيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي‌عزتي ٿي. 42اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جي منادي ڪندا رهيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 5: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in