28
(مالٽا ٻيٽ ۾)
1جڏهن اسين خير سان ڪناري تي پهتاسين، تڏهن اسان کي معلوم ٿيو تہ انهيءَ ٻيٽ جو نالو مالٽا آهي. 2اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي. 3پولس ڪجھہ ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي باهہ ۾ وڌيون تہ تپش جي ڪري هڪڙو نانگ ٻاهر نڪتو، جيڪو پولس جي هٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو. 4جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“ 5پولس هٿ ڇنڊي اها بلا باهہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ نقصان نہ پهتو. 6اهي هن انتظار ۾ هئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انهن جڏهن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ هنن پنهنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”هي تہ ڪو ديوتا آهي.“
7اتي ڀرسان ئي انهيءَ ٻيٽ جي سردار پُبليس جي جاگير هئي. هن اسان کي پنهنجي گھر وٺي وڃي سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسين ٽن ڏينهن تائين سندس مهمان ٿي رهياسين. 8پُبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل هو. پولس هن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا گھريائين. پوءِ مٿس پنهنجا هٿ رکي کيس شفا بخشيائين. 9جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ڏني ويئي. 10-11انهيءَ ڪري هنن اسان کي وڏي عزت ڏني.
(مالٽا کان روم تائين سفر)
اهڙيءَ طرح ٽن مهينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي هڪڙي سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿياسين، جنهن جو نالو ۽ نشان #28:10-11 ”جاڙا ديوتا“ هي نالو جاڙن ديوتائن پٺيان رکيل آهي، جيڪي يوناني مذهب موجب ملاحن جي سنڀال ڪندڙ هئا.”جاڙا ديوتا“ هو. اهو جهاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ ئي بيٺو رهيو هو. جڏهن اسان جي رواني ٿيڻ جو وقت آيو تڏهن ٻيٽ جي رهاڪن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جهاز ۾ آڻي رکيون. اتان روانا ٿي 12اسين سراڪوسہ شهر ۾ اچي پهتاسين ۽ اتي ٽي ڏينهن رهياسين. 13اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين. 14اتي اسان کي ڪي ايمان وارا مليا، جن جي عرض ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين. 15جڏهن روم جي ايمان وارن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.
پولس روم ۾
16جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو. 17ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي مذهبي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو. 18انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مون کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيائون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ مون ڪو اهڙو ڪم نہ ڪيو هو جنهن جي ڪري مون کي موت جي سزا ملي. 19#رس 25:11 پر يهودين انهيءَ تي اعتراض ڪيو. سو لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي، جڏهن تہ منهنجو اهو ارادو نہ آهي تہ پنهنجي قوم تي ڪا تهمت هڻان. 20اهو ئي سبب هو جو مون اوهان کي پاڻ وٽ گھرايو آهي تہ اوهان سان ملان ۽ ويهي ڳالهہ ٻولهہ ڪريان. آءٌ انهيءَ مسيح جي خاطر هن زنجير ۾ ٻڌو ويو آهيان، جيڪو بني اسرائيل جي اميد آهي.“
21انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي. 22سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“
23پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين خدا جي بادشاهيءَ بابت سمجھائيندي پولس کين پيغام ٻڌائيندو رهيو، جنهن ۾ عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو. 24ڪن ماڻهن سندس ڳالهين کي مڃي ورتو، جڏهن تہ ڪن نہ مڃيو. 25سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ
26 #
يس 6:9-10
’کين وڃي چئُہ تہ
”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين،
اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“
27انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي.
اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن،
۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن،
انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن،
پنهنجن ڪنن سان ٻڌن،
۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہتائب ٿين،
۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“
28-29پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو اهو پيغام غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“#28:28-29 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: جڏهن هن ائين چيو تڏهن يهودي پاڻ ۾ سخت تڪرار ڪندا هليا ويا.
30پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا. 31هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪندي خداوند عيسيٰ مسيح بابت ڳالهين جي تعليم ڏيندو هو.