YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 27

27
پولس جو روم ڏانهن سامونڊي سفر
(27‏:1‏–28‏:15)
(قيصريہ کان ڪريتي ٻيٽ تائين)
1پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو. 2اسين ادرموتيم جي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين، جيڪو آسيا صوبي جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. ارسترخس نالي هڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿِسلُنيڪي جو رهاڪو هو سو بہ اسان سان گڏ هو. 3ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها مهرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي. 4پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو هو تنهنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي هلياسين. 5پوءِ اسين ڪلڪيا ۽ پمفيليا علائقي جي پاسي وارو سمنڊ پار ڪري مورا ۾ اچي پهتاسين، جيڪو لوڪيا صوبي جو هڪڙو شهر آهي. 6اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو هڪڙو سامونڊي جهاز اِٽليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو هن اسان کي انهيءَ جهاز ۾ سوار ڪيو.
7اسين آهستي آهستي سفر ڪري رهيا هئاسين، تنهنڪري ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شهر جي سامهون پهتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنهنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي هلڻ لڳاسين 8۽ وڏيءَ مشڪل سان انهيءَ جو ڪنارو ڏيئي هلندي هلندي اچي سهڻي نالي بندر تي پهتاسين، جنهن جي ويجھو لسيا جو شهر آهي.
9اتي اسان کي گھڻو عرصو لڳي ويو، تان جو #27‏:9 روزي جو ڏينهن اهو روزو يهودي مذهب ۾ ڪفاري واري ڏينهن تي رکيو ويندو هو جيڪو سيپٽمبر جي آخر کان آڪٽوبر جي شروعات دوران هوندو هو. انهن ڏينهن کان وٺي سامونڊي سفر ڏاڍو خطرناڪ هوندو هو.روزي جو ڏينهن بہ گذري ويو. هاڻي تہ جهاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو هو. تنهنڪري پولس هنن کي صلاح ڏني تہ 10”اي دوستؤ! آءٌ سمجھان ٿو تہ هن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. رڳو مال ۽ جهاز جو نقصان نہ پر حياتيءَ جو بہ خطرو آهي.“ 11پر صوبيدار پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ جهاز جي ڪپتان ۽ مالڪ جون ڳالهيون مڃيون. 12جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.
(سمنڊ ۾ طوفان)
13جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي گھُلڻ لڳو، تڏهن هنن سمجھيو تہ سٺو موقعو آهي. تنهنڪري هو جهاز جا لنگر کڻي ڪريتي جو ڪنارو ڏيئي هليا. 14اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ هڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنهن کي ”يُوراڪلون“ چون ٿا. 15جڏهن جهاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامهون هلي نہ سگھيو، تڏهن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪريتي کان پري ڌِڪبا پئي وياسين. 16ڪودا نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين. 17تڏهن ملاحن انهيءَ ٻيڙيءَ کي جهاز ۾ چاڙهي، جهاز کي هيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو. پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي هلي لبيا ملڪ جي سورتس وٽ پاڻيءَ هيٺان واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنهنڪري جهاز جو سڙهہ هيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي رحم وَ ڪرم تي ڌِڪبا وياسون. 18جڏهن طوفان جي ڪري جهاز تمام گھڻا لوڏا کائڻ لڳو، تڏهن ٻئي ڏينهن تي ملاحن واپار وارو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو 19۽ ٽئين ڏينهن تي انهن سان گڏ سڀني مسافرن جهاز جو ساز وَ سامان بہ ڦٽو ڪيو. 20پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز هوائون گھُلنديون رهيون. آخرڪار اسين پنهنجي حياتيءَ کان بلڪل نااميد ٿي وياسين.
21جڏهن ماڻهن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، تڏهن پولس انهن جي اڳيان اُٿي بيهي چيو تہ ”اي دوستؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي صلاح مڃيو ها ۽ ڪريتي وٽان نہ هلو ها تہ هي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ها. 22پر هاڻي آءٌ اوهان کي دلجاءِ ٿو ڏيان تہ دل نہ لاهيو، ڇو تہ اسان مان ڪنهن جي بہ جان نہ ويندي، رڳو جهاز تباهہ ٿيندو. 23ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو 24۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘ 25تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو خدا تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو 26۽ ضرور اسين ڪنهن ٻيٽ سان وڃي لڳنداسين.“
27طوفان جي چوڏهن ڏينهن تائين اسين تيز هوائن سان ڀونوچ سمنڊ ۾ ڌِڪبا رهياسين. چوڏهين ڏينهن اٽڪل اڌ رات جو وقت هو جو ملاحن کي اهو گمان ٿيو تہ اسين شايد ڪنهن سڪي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون. 28هنن پاڻيءَ جي اونهائي ماپي تہ هڪ هنڌ چاليهہ ميٽر ٿي ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي ماپيائون تہ اها ٽيهہ ميٽر ٿي. 29سو هنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنهن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنهنڪري هو جهاز جي پوئين حصي جا چار لنگر لاهي دعا گھرڻ لڳا تہ جلدي ڏينهن ٿئي. 30ان وقت ملاحن اها ڪوشش پئي ڪئي تہ جهاز مان لهي ڀڄي وڃن ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ انهن بچاءَ ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاهي ڇڏي ۽ اهو بهانو بڻايائون تہ ”اسين جهاز جي اڳئين حصي تان لنگر ٿا لاهيون.“ 31تنهن تي پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو تہ ”جيڪڏهن هي ملاح جهاز تي نہ رهندا تہ اوهين بچي نہ سگھندا.“ 32سو سپاهين بچاءَ ٻيڙيءَ جا رسا وڍي ڇڏيا تہ هلي وڃي.
33جڏهن صبح ٿيڻ وارو هو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوهين چوڏهن ڏينهن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رهيا آهيو ۽ ايترو وقت اوهان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آهي. 34آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“ 35اهو چئي هن ماني کنئي ۽ سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري ان مان گرهہ ڀڃي کائڻ لڳو. 36تڏهن ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ اهي ماني کائڻ لڳا. 37جهاز تي اسين سڀيئي ٻہ سؤ ڇاهتر ماڻهو سوار هئاسين. 38جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو تڏهن هنن جهاز تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ پيل سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.
(جهاز جي تباهي)
39جڏهن ڏينهن ٿيو تہ ڪنارو نظر آيو، پر ملاح اهو علائقو سڃاڻي نہ سگھيا. اتي کين سڪيءَ اندر وڌيل اهڙي جاءِ نظر آئي، جنهن جو ڪنارو صاف هو. سو هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ جهاز کي انهيءَ هنڌ ڪناري تي وڃي بيهارجي. 40پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ اڳئين حصي وارو سڙهہ واءُ جي رخ تي چاڙهي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا. 41تڏهن جهاز هڪڙي هنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس اڳيون حصو قابو ٿي پيو، پر پويون حصو ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳو.
42سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انهن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي. 43پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنهن طرح پولس کي بچائي، تنهنڪري هنن کي انهيءَ ارادي کان روڪيائين. هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”جيڪي تري سگھن ٿا سي پهريائين جهاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي وڃي پهچن 44۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جهاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پهتا.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 27: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in