تعارف
پولس رسول رومين ڏانهن هي خط گھڻو ڪري انهيءَ وقت لکيو جڏهن هو پنهنجي ٽئين تبليغي سفر دوران ڪرنٿس شهر ۾ ترسيل هو. هي خط هن انهيءَ لاءِ لکيو تہ جيئن روم شهر جي ڪليسيا ڏانهن سندس وڃڻ واري رٿيل منصوبي جي راهہ هموار ٿئي. هن جو منصوبو اهو بہ هو تہ هو روم ۾ عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن سان ملي ۽ پوءِ انهن جي مدد سان اسپين ملڪ ڏانهن وڃي. هن عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ بابت ۽ سندس پوئلڳن جي زندگين تي انهيءَ ايمان جي عملي اثرات بابت وضاحت سان لکيو آهي.
روم جي ڪليسيا وارن کي سلام ڪرڻ ۽ سندن لاءِ پنهنجي دعائن بابت کين لکڻ کان پوءِ، پولس رسول خط جو مطلب لکي ٿو تہ ”انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو“ (1:17).
پوءِ پولس رسول چوٿين باب تائين انهيءَ موضوع کي وڌائي ٿو. هو لکي ٿو تہ پوري انسانذات، يعني يهودين توڙي غير يهودين، ٻنهي لاءِ اهو ضروري آهي تہ اهي خدا ڏانهن سچار بڻجن، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن. عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي ئي ماڻهو خدا ڏانهن سچار ٿي سگھي ٿو.
ان کان پوءِ پنجين کان اٺين باب تائين پولس رسول عيسيٰ مسيح ۾ انهيءَ نئين زندگيءَ کي بيان ڪري ٿو، جنهن جو نتيجو خدا سان نئين تعلق ۾ نڪري ٿو. ايمان رکڻ وارو خدا سان ميل ميلاپ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهہ ۽ موت جي اختياريءَ کان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن خط ۾ پولس رسول جو موت ۽ زندگيءَ بابت ٻڌائڻ جو مقصد نہ رڳو دنياوي موت ۽ زندگي آهي، پر روحاني موت يعني خدا کان پري ٿي وڃڻ ۽ روحاني زندگي يعني ساڻس ميل ميلاپ ۾ رهڻ پڻ آهي.
نائين کان يارهين باب تائين پولس رسول حضرت موسيٰ جي معرفت مليل شريعت جي مقصد ۽ مسيح تي ايمان آڻڻ وارن جي زندگيءَ ۾ خدا جي پاڪ روح جي طاقت تي پڻ بحث ڪري ٿو. پوءِ هو هن مسئلي جي وضاحت ڪري ٿو تہ ڪيئن يهودي ۽ غير قومون انسانذات لاءِ خدا جي منصوبي ۾ ٺهڪي اچن ٿا. هو هن نتيجي تي پهچي ٿو تہ يهودين جو عيسيٰ مسيح کي رد ڪرڻ خدا جي منصوبي جو حصو آهي، تہ جيئن عيسيٰ مسيح ۾ خدا جي فضل جي پهچ اندر غير قومون پڻ اچي وڃن. جڏهن تہ هن کي اهو بہ يقين آهي تہ يهودي عيسيٰ مسيح کي هميشہ رد نہ ڪندا.
آخر ۾ ٻارهين کان سورهين باب تائين پولس رسول لکي ٿو تہ ايمان وارن جي مسيح ۾ زندگي ڪيئن هئڻ گھرجي، خاص طور ٻين سان پيار وارن تعلقات جي باري ۾. هو هنن مضمونن جهڙوڪ خدا جي خدمت، ايمان وارن تي ملڪ جا فرض، پاڻ ۾ هڪٻئي جا فرض ۽ کائڻ پيئڻ ۾ ضمير جي مسئلي بابت بحث ڪري ٿو. هو خط جي پڄاڻي پنهنجي سڄڻن کي دعا سلام ۽ خدا جي واکاڻ وارن لفظن سان ڪري ٿو.
سِٽاءُ
تعارف ۽ مضمون 1:1-17
انسانذات لاءِ ڇوٽڪاري جي ضرورت 1:18–3:20
ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي واٽ 3:21–4:25
مسيح ۾ نئين زندگي 5:1–8:39
بني اسرائيل بابت خدا جو منصوبو 9:1–11:36
ايمان وارن جي هلت چلت 12:1–15:13
پولس جو پنهنجي خدمت بابت بيان 15:14-33
آخر ۾ نصيحتون ۽ دعا سلام 16:1-27