YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 26

26
پولس جو اگرپا اڳيان صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ
1تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي اجازت آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ 2”اي بادشاهہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش‌نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي، 3ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ يهودين جي سڀني ريتن رسمن ۽ مذهبي تڪرارن کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سو منهنجو اوهان کي خاص عرض آهي تہ مهرباني ڪري منهنجو بيان صبر سان ٻڌو.
4سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجي حياتي پنهنجي وطن ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاري آهي. 5#رس 23‏:6، فلپ 3‏:5 هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو هئس. 6سو هاڻي مون کي انهيءَ واعدي جي اميد جي ڪري هتي ڪورٽ ۾ آڻي بيهاريو اٿن، جيڪو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو. 7انهيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا دل وَ جان سان ڏينهن رات خدا جي عبادت ڪندا رهندا آهن. اي بادشاهہ اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا. 8هاڻ اي يهوديو‌ٔ! آءٌ اوهان کان پڇان ٿو تہ اوهان کي اها ڳالهہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاري ٿو؟
9 # رس 8‏:3، 22‏:4‏-5 ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي. 10سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس. 11يهودين جي سڀني عبادت‌خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“
پولس جو پنهنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ
(رسولن جا ڪم 9‏:1‏-19، 22‏:6‏-16)
12”انهيءَ ئي ڪم لاءِ هڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاهنن کان اختياريءَ جو حڪم‌نامو وٺي دمشق ڏانهن پئي ويس. 13اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي بادشاهہ اگرپا! رستي ويندي مون آسمان مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي. 14اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘ 15مون پڇيو تہ ’اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟‘ تنهن تي هن وراڻيو تہ ’آءٌ عيسيٰ آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. 16پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو ٻانهو ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين. 17آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو. 18تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“
پولس جو پنهنجي ڪم بابت ٻڌائڻ
19”سو اي بادشاهہ اگرپا! مون آسمان مان جيڪا رويا ڏٺي، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم. 20#رس 9‏:20‏،28‏-29 پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اها تبليغ ڪئي تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي. 21اهو ئي سبب هو جو يهودين مون کي هيڪل ۾ پڪڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. 22پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون. 23#يس 42‏:6، 49‏:6، 1.ڪر 15‏:20 اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ڏئي.“
24جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“ 25تنهن تي پولس وراڻيس تہ ”جناب فيستس صاحب بهادر! آءٌ چريو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان. 26بادشاهہ، جنهن سان آءٌ بي‌ڌڙڪ ٿي ڳالهايان ٿو، تنهن کي بہ انهن ڳالهين جي پوري ڄاڻ آهي، بلڪ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس ڳجھي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڳالهيون ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿيون آهن. 27اي بادشاهہ اگرپا! ڇا اوهين نبين کي مڃو ٿا؟ هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مڃيندا آهيو.“ 28تنهن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“ 29پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ خدا جي در اها دعا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“
30پوءِ بادشاهہ اگرپا اٿي بيٺو ۽ گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي اتي ساڻن گڏ ويٺا هئا، سي سڀ بہ اُٿي بيٺا. 31هو ٻاهر نڪرندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ تہ اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“ 32پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”هي ماڻهو جيڪڏهن قيصر کي اپيل نہ ڪري ها تہ جيڪر ڇٽي وڃي ها.“

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 26: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in