YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 25

25
پولس جي رومي قيصر کي اپيل
1يهوديہ صوبي ۾ پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ گورنر فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانهن ويو. 2سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانهن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ 3”اوهين مهرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏين. 4پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آهي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان. 5اوهان مان جيڪي معتبر ماڻهو آهن، سي مون سان گڏجي هلن ۽ جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڪو ڏوهہ ڪيو هوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام هڻن.“
6فيستس اٽڪل اٺ ڏهہ ڏينهن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانهن هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي آندو وڃي.“ 7جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا. 8پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي شريعت جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“ 9فيستس يهودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانهن هلندين تہ جيئن اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟“ 10پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي. 11جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“ 12تنهن تي فيستس پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، تنهنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“
پولس جو اگرپا اڳيان پيش ٿيڻ
13ڪن ڏينهن کان پوءِ #25‏:13 اگرپا هي يهودي بادشاهہ هيروديس اگرپا جو پٽ هو (ڏسو رسولن جا ڪم 12‏:1 پڻ).اگرپا بادشاهہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا 14۽ ڪيترائي ڏينهن اتي رهي پيا. تڏهن فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاهہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”هڪڙو شخص آهي، جنهن کي فِيلڪس جيل ۾ ڇڏي هليو ويو آهي. 15جڏهن آءٌ يروشلم ۾ هئس تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن مون کي دانهن ڏني هئي ۽ عرض ڪيو هئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان. 16پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام هو مٿس هڻن ٿا تنهن جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آهي. 17سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينهن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنو تہ ’انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچو.‘ 18پر جڏهن سندس مخالف اُٿي بيٺا، تڏهن انهن مٿس اهڙو ڪوبہ الزام ڪونہ هنيو جن ڏوهن جو مون کي گمان هو. 19پر هنن ساڻس پنهنجي دين ۽ عيسيٰ نالي هڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو هو پر پولس چوي ٿو تہ هو جيئرو آهي. 20مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انهن ڳالهين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنهنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانهن وڃڻ ۾ راضي آهين تہ جيئن اتي انهن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟‘ 21پر جڏهن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانهن نہ موڪليان تيستائين هو نظربند رهي.“ 22تنهن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”آءٌ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جون ڳالهيون سندس زباني ٻڌڻ چاهيان ٿو.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوهين سڀاڻي ئي کڻي هن جون ڳالهيون ٻڌجو.“
23ٻئي ڏينهن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار هال ۾ داخل ٿيا. هنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شهري بہ ساڻ هئا. تڏهن فيستس جي حڪم تي پولس کي پيش ڪيو ويو. 24پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘ 25پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان. 26پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاهہ اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان. 27مون لاءِ اهو واجب نہ آهي جو آءٌ هڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آهن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 25: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in