YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 24

24
پولس تي يهودين جا الزام
1پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي ڪائونسل جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.
2جڏهن پولس کي سڏايو ويو تہ ترطلس هن تي الزام هڻندي چيو تہ ”جناب فِيلڪس صاحب بهادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن وَ امان ۾ ٿا گذاريون ۽ اوهان جي دورانديشيءَ سبب هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آهن. 3جنابِ اعليٰ! اسين هر طرح ۽ هر جاءِ وڏي شڪرگذاريءَ سان اوهان جا احسانمند آهيون. 4آءٌ اوهان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، پر عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري اسان جون رڳو ٻہ ٽي ڳالهيون ٻڌو. 5هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. دنيا جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آهي. 6‏-8هن اها بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ هيڪل جي بي‌حرمتي ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو.#24‏:6‏-8 ڪن مسودن ۾ هي جملا بہ شامل آهن: اسان جي مرضي هئي تہ هن جو فيصلو پنهنجي شريعت موجب ڪريون. پر ڪپتان لوسياس اچي ڪڙڪيو ۽ زوريءَ هن کي اسان جي هٿن مان ڇڏائي ويو ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنائين تہ اوهان وٽ اچن. سو جن ڏوهن جو اسين مٿس الزام ٿا هڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“ 9پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“
پولس جو فِيلڪس اڳيان صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ
10پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو. 11اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هئس. 12هنن مون کي هيڪل ۾ يا پنهنجن عبادت‌خانن ۾ توڙي شهر جي ڪنهن بہ ٻئي هنڌ نڪي ڪنهن سان بحث ڪندي ڏٺو آهي ۽ نہ وري فساد مچائيندي. 13هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن. 14آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو. 15مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو. 16تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ خدا توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري.
17 # رس 21‏:17‏-28 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات اچي ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان. 18جڏهن مون ائين پئي ڪيو ۽ هيڪل ۾ پاڪائيءَ جي حالت ۾ هئس، تڏهن هنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو. 19جڏهن تہ اتي آسيا صوبي جا ڪي يهودي بہ موجود هئا، جيڪڏهن کين مون تي ڪا تهمت هڻڻي هجي ها تہ اهي هتي اوهان جي اڳيان حاضر ٿين ها. 20يا هي ماڻهو ڀلي پاڻ ئي ٻڌائين تہ جڏهن آءٌ يهودي ڪائونسل جي اڳيان بيٺو هئس تہ هنن مون ۾ ڪهڙو ڏوهہ ڏٺو، 21#رس 23‏:6 سواءِ هن ڏوهہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيهي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوهين مون تي انهيءَ ڪري ڪيس ٿا هلايو، جو مون چيو آهي تہ مئل وري جيئرا ٿي اٿندا.‘“
22جيئن تہ فِيلڪس کي عيسيٰ واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“ 23هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس خدمت ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“
گورنر فِيلڪس ۽ دروسلہ جو پولس سان ملڻ
24ڪن ڏينهن کان پوءِ فِيلڪس پنهنجي يهودڻ زال دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي کانئس عيسيٰ مسيح تي ايمان بابت ڳالهيون ٻڌائين. 25پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“ 26جيئن تہ فِيلڪس کي اها اميد بہ هئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنهنڪري هو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو هو. 27پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 24: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in