YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 23

23
1 پولس ڪائونسل وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.“ 2تنهن تي وڏي سردار ڪاهن حننياہ اتي بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي وات وارو ڌڪ هڻو.“ 3#مت 23‏:27‏-28 تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”خدا تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو شريعت موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“ 4تنهن تي جيڪي ماڻهو پولس جي ڀرسان بيٺا هئا، تن چيس تہ ”تون خدا جي وڏي سردار ڪاهن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائين!“ 5#خر 22‏:28 پولس وراڻيو تہ ”اي ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ هو وڏو سردار ڪاهن آهي. پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“
6 # رس 26‏:5، فلپ 3‏:5 جڏهن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“ 7جڏهن هن اها ڳالهہ چئي تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪائونسل ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. 8#مت 22‏:23، مر 12‏:18، لو 20‏:27 اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو صدوقي نہ ملائڪن کي مڃيندا آهن، نڪي روحن کي ۽ نہ ئي وري جيئري ٿيڻ کي، جڏهن تہ فريسي اهي سڀ ڳالهيون مڃيندا آهن. 9سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن روح يا ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“ 10جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“
11جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي خداوند عيسيٰ پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“
پولس کي مارڻ جي سازش
12ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“ 13جن يهودين گڏجي اها سازش سِٽي هئي، سي چاليهن کان وڌيڪ هئا. 14پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون. 15سو هاڻي اوهين ڪائونسل وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“ 16پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن انهيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي اها ڳالهہ ٻڌايائين. 17تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي عرض ڪيو تہ ”هن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آهي.“ 18اهو صوبيدار انهيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري عرض ڪيو تہ هن جوان کي اوهان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوهان سان ڪجھہ ڳالهائڻو آهي.“ 19ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“ 20تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي عرض ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘ 21پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“ 22تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”تون ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ تہ اهي ڳالهيون تو مون سان ڪيون آهن.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
پولس کي گورنر فِيلڪس وٽ موڪلڻ
23پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ سؤ سپاهي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ سؤ نيزي‌بردار تيار ڪريو تہ جيئن رات جو نائين بجي تائين اوهين قيصريہ ڏانهن روانا ٿي وڃو.“ 24کين هي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن هن کي گورنر فِيلڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“ 25پوءِ ڪپتان کين هي خط لکي ڏنو تہ
26”جناب گورنر فِيلڪس صاحب بهادر!
آءٌ ڪلوديُس لوسياس سلامن بعد عرض ٿو ڪريان تہ 27هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي هئس جو آءٌ سپاهين کي وٺي وڃي اتي پهتس ۽ يهودين کان بچايومانس، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي. 28مون کيس يهودين جي وڏي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اهي مٿس ڪهڙو الزام ٿا هڻن. 29پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يهودين پنهنجي شريعت جي ئي ڳالهين ڪري هن تي تهمت هنئي آهي. پر ڪو اهڙو ڏوهہ نہ ڪيو اٿس جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي. 30هاڻ جڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“
31پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اهي پولس کي راتوواهہ انتيپترس ۾ وٺي آيا. 32ٻئي ڏينهن تي پولس کي گھوڙيسوارن سان گڏ اڳتي روانو ڪرڻ کان پوءِ پيادا سپاهي قلعي ڏانهن موٽي ويا. 33گھوڙيسوار سپاهين قيصريہ ۾ پهچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس اڳيان پيش ڪيائون. 34گورنر خط پڙهيو ۽ پڇيائين تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي صوبي جو رهاڪو آهي؟“ جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو ڪلڪيا جو رهاڪو آهي، 35تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي #23‏:35 گورنر واري محلات هي محلات دراصل بادشاهہ هيروديس اعظم پنهنجي لاءِ ٺهرايو هو، پر پوءِ رومي حڪومت ان کي قبضي ۾ آڻي گورنر جو صدر دفتر بڻائي ڇڏيو.گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 23: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in