YouVersion Logo
Search Icon

1.تيمٿيس ‮تعارف‬

تعارف
پولس رسول جو هي خط عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙن مان تيمٿيس نالي هڪ شخص ڏانهن لکيو ويو، جنهن جي ماءُ يهودڻ هئي ۽ پيءُ يوناني هو. جڏهن هو نوجوان ئي هو تڏهن تبليغي ڪم ۾ پولس رسول جو ساٿي ۽ مددگار بڻيو. تيمٿيس جو تعلق رومي شهنشاهت جي گلتيا نالي صوبي جي شهر لسترا سان هو. اهو صوبو موجودہ ترڪي ملڪ جو وچ وارو حصو هو.
تيمٿيس جڏهن اِفسس شهر ۾ خدمت پئي ڪئي تڏهن پولس رسول هن ڏانهن هي پهريون خط لکيو جيڪو ٽن اهم ڳالهين جي باري ۾ هو. سڀ کان پهريائين پولس رسول اِفسس جي ڪليسيا ۾ ڏني ويندڙ انهيءَ ڪوڙي تعليم جي باري ۾ تيمٿيس کي آگاهہ ڪري ٿو، جيڪا يهودين ۽ غير يهودين جي خيالن جو ميلاپ هئي. انهيءَ جو بنياد سندن ان عقيدي تي هو تہ ماديت يعني جسم رکندڙ شيءِ بڇڙي آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو ڪا ڳجھي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ڪن خاص عملن کان سواءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري نہ سگھندو، مثال طور: ڪي کاڌا نہ کائڻ ۽ شادي نہ ڪرڻ وغيرہ. ٻي اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪليسيا جي انتظام ۽ عبادت جي باري ۾ هدايتون آهن ۽ اها بہ وضاحت ٿيل آهي تہ ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن جو ڪردار ڪيئن هئڻ گھرجي. آخر ۾ پولس رسول تيمٿيس کي صلاح ڏئي ٿو تہ هو عيسيٰ مسيح جو سٺو خادم ڪيئن ٿي سگھي ٿو. هو کيس انهن ذميوارين جي باري ۾ بہ تاڪيد ڪري ٿو، جيڪي ڪليسيا ۾ ايمان وارن بابت آهن.
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-2
ڪليسيا ۽ انهيءَ جي اڳواڻن لاءِ هدايتون 1‏:3‏–3‏:13
تيمٿيس کي سندس خدمت جي باري ۾ هدايتون 3‏:14‏–6‏:21

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in