YouVersion Logo
Search Icon

1.تيمٿيس 1

1
1هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد مسيح يعني عيسيٰ جي حڪم سان سندس رسول آهيان. 2#رس 16‏:1 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين.
شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.
غلط تعليم خلاف تاڪيد
3جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين، 4نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ بي‌انتها نسب‌نامن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ خدا جي انهيءَ انتظام جو جيڪو ايمان رکڻ تي دارومدار رکي ٿو. 5منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اها محبت پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي ايمان مان پيدا ٿئي ٿي. 6ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان ڀٽڪي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن. 7اهي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.
8اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آهي، بشرطيڪ انهيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪيو وڃي. 9اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهي آهي. پر اها نافرمانن ۽ فسادين، بي‌دينن ۽ گنهگارن، خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهي آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن. 10اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي. 11اها صحيح تعليم سڳوري خدا جي انهيءَ عظمت ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.
خدا جي رحم لاءِ شڪرگذاري
12اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي. 13#رس 8‏:3، 9‏:4‏-5 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو. 14بيشڪ، اسان جي خداوند خدا جو فضل مون تي نهايت ئي گھڻو ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري ايمان ۽ محبت عطا ٿي.
15اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ عيسيٰ مسيح گنهگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو گنهگار آءٌ آهيان. 16انهيءَ سبب ئي خدا مون تي رحم ڪيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو پورو پورو تحمل ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.
17هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
18اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک. 19ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. 20همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.

Currently Selected:

1.تيمٿيس 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in