3
دعا لاءِ عرض
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ دعا گھرو تہ اسان جي وسيلي خداوند عيسيٰ بابت پيغام جلد ڦهلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي. 2هيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ ايمان ڪونهي. 3پر خداوند عيسيٰ سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ #3:3 بڇڙائيءَ کان يا بڇڙي کان يعني شيطان کان.بڇڙائيءَ کان بچائيندو. 4خداوند عيسيٰ ۾ اسان کي اوهان تي اعتماد آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا. 5شل خداوند عيسيٰ اوهان جي اهڙي رهنمائي ڪري جو جيئن جيئن اوهين خدا جي محبت ۾ وڌندا رهو، تيئن تيئن مسيح جي ثابت قدميءَ ۾ بہ وڌندا رهو.
پورهئي ڪرڻ لاءِ تاڪيد
6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ ايمان واري کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب زندگي نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي. 7اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي نقشِقدم تي هلڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين. 8اسان مفت جي ماني نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون. 9اسان اهو انهيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان جو اوهان تي ڪو حق نہ هو، بلڪ انهيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوهان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوهين اسان جي نقشِقدم تي هلو. 10جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن بہ اوهان کي تاڪيد ڪيو هوسين تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اهو کائي بہ نہ.
11تنهن هوندي بہ اسين ٻڌون ٿا تہ اوهان مان ڪي ماڻهو اجايو وقت ٿا وڃائين. اهي پاڻ تہ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ٿا ڏين. 12اسين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين. 13ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.
14جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي. 15پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ همايمان سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.
آخر ۾ دعا سلام
16هاڻي سلامتي بخشيندڙ خداوند عيسيٰ پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان سلامتي بخشي. شل خداوند عيسيٰ اوهان سڀني ساڻ هجي.
17هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان هي سلام لکي رهيو آهيان. آءٌ ائين ئي لکندو آهيان، جيڪا هر خط ۾ منهنجي نشاني هوندي آهي.
18شل اوهان سڀني تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ٿيندو رهي.