YouVersion Logo
Search Icon

1.پطرس ‮تعارف‬

تعارف
پطرس رسول جو هي پهريون خط عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ انهن ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ان وقت انهن علائقن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا جيڪي موجودہ ايشيا کنڊ جي ترڪي ملڪ ۾ اترين طرف آهن. هو انهن ماڻهن کي خدا جا چونڊيل چئي مخاطب ٿئي ٿو (1‏:1). خط جو مکيہ مقصد انهن ايمان وارن کي همتائڻ آهي، جيڪي پنهنجي ايمان جي ڪري ستايا ٿي ويا ۽ تڪليفون برداشت ڪري رهيا هئا. خط لکندڙ پنهنجي پڙهندڙن کي عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ واري جيئري اميد ياد ڏياري ٿو (1‏:3). انهيءَ خوشخبريءَ ۾ عيسيٰ مسيح جو مري وڃڻ، سندس وري جيئرو ٿيڻ ۽ واعدي موجب سندس وري ظاهر ٿيڻ شامل آهن. هو کين ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ اميد جي سهاري کين تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون، پر سندن دل مطمئن رهندي تہ اها سندن ايمان جي سچائيءَ جي آزمائش آهي ۽ آخرڪار عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ واري ڏينهن تي کين انهيءَ جو ڦل ملندو (1‏:7).
تڪليفن جي وقت هنن جي همت‌افزائي ڪرڻ سان گڏ خط جو لکندڙ پنهنجي پڙهندڙن کي زور ڀري ٿو تہ اهي اهڙي پاڪ زندگي گذارين جهڙو سندن سڏيندڙ پاڪ آهي (1‏:15).
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-2
خدا جي طرفان مڪمل ڇوٽڪاري جي اميد 1‏:3‏-12
پاڪ زندگي گذارڻ جو تاڪيد 1‏:13‏–2‏:10
تڪليفن جي وقت ايمان وارن جي ذميواري 2‏:11‏–4‏:19
ڪليسيا وارن جي نماڻائي ۽ خدمت 5‏:1‏-11
آخر ۾ دعا سلام 5‏:12‏-14

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in