5
(دولتمندن جي ناانصافيءَ تي خدا جي سزا)
1هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن. 2#مت 6:19 سمجھي ڇڏيو تہ اوهان جو مال ملڪيت ڳري سڙي ويو ۽ اوهان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا. 3اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن #5:3 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي. 4#شر 24:14-15 ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن. 5اوهان زمين تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي. 6اوهان بيڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.
تڪليفن ۾ صبر ڪرڻ
7تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري. 8اوهين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ جو اچڻ ويجھو آهي. 9اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي گنهگار قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.
10اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ نبين کي تڪليفن سهڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو. 11#ايو 1:21-22، 2:10، زب 103:8 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي.
12 #
مت 5:34-37
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين گمراهہ ٿي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو.
ايمان سان دعا گھرڻ
13جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي دعا گھرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي واکاڻ جا گيت ڳائڻ گھرجن. 14#مر 6:13 جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو ڪليسيا جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ دعا گھرن. 15اهڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند خدا انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي. 16تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.
17 #
1.با 17:1، 18:1 الياس نبي بہ اسان وانگر انسان هو. هن وڏي جوش سان دعا گھري تہ مينهن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينهن نہ پيو. 18#1.با 18:42-45 وري جڏهن هن دعا گھري تڏهن آسمان مان مينهن پيو ۽ زمين پنهنجا فصل اُپايا.
19اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن اوهان مان ڪو سچ جي راهہ کان ڀٽڪي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انهيءَ کي موٽائي سچ جي راهہ تي آڻي، 20#چوڻ 10:12، 1.پط 4:8 تڏهن اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ اهو جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان موٽائي راهہ تي ٿو آڻي، سو هن کي موت کان بچائيندو ۽ سندس گھڻن گناهن جي معافيءَ جو سبب بڻبو.