YouVersion Logo
Search Icon

1.پطرس 1

1
1هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. هي خدا جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. 2خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو.
شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.
جيئري اميد
3 # يو 3‏:3 شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن پنهنجي وڏي رحمت سان عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي 4تہ اسين هڪ غيرفاني، بي‌داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو ايمان وارن لاءِ عرش عظيم تي رکيل آهي. 5اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
6انهيءَ ڳالهہ جي ڪري اوهين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ في‌الحال ٿوري وقت لاءِ اوهان کي طرح طرح جي آزمائشن سبب ڏک ڏسڻا ٿا پون. 7انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو. 8جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي، 9ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان جي منزل، يعني مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو ٿا.
10 نبين انهيءَ ئي ڇوٽڪاري جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ فضل بابت ٻڌايائون، جيڪو خدا هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي. 11اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جو روح، جيڪو انهن ۾ هو تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ عظمت حاصل ڪندو. 12انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.
پاڪ زندگي گذارڻ
13تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو. 14اوهين خدا جي فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون. 15انهيءَ جي بدران اوهين پنهنجي سموري هلت چلت ۾ اهڙيءَ طرح پاڪ ٿيو، جهڙيءَ طرح اوهان جو سڏڻ وارو پاڪ آهي. 16#لاو 11‏:44‏-45، 19‏:2 هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.“
17هاڻي جيڪڏهن اوهين دعا گھرندي خدا کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجي هيءَ مسافرن واري زندگي سندس خوف ۾ گذاريو. 18اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون، 19#يو 1‏:29، مڪا 5‏:6 پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو. 20دنيا جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن #1‏:20 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو. 21مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.
22هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري دل وَ جان سان پاڻ ۾ گَهري محبت رکو. 23#يو 3‏:3 اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي. 24#يس 40‏:6‏-8 هن ڪري جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ
”هر انسان گاهہ مثل آهي،
انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي.
گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.
25پر خداوند جو فرمان هميشہ تائين قائم رهندو.“
هي اهو ئي فرمان آهي، جنهن جي خوشخبري اوهان کي ٻڌائي ويئي آهي.

Currently Selected:

1.پطرس 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in