YouVersion Logo
Search Icon

1.يوحنا 5

5
دنيا تي ايمان جي فتح
1جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري. 2سو جڏهن اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ اسين خدا جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون. 3#مت 11‏:30، يو 14‏:15 خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن. 4انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان. 5دنيا تي فتح انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو ايمان آهي تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي؟
خدا جي فرزند بابت شاهدي
6 # مت 3‏:16‏،17، 26‏:27‏-29 اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي #5‏:6 جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي اصلي متن ۾ رڳو هي آهي: ”جيڪو پاڻيءَ ۽ رت جي وسيلي.“جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو، 7بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن، 8يعني پاڪ روح، پاڻي ۽ رت، جيڪي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ جي تصديق ڪن ٿا. 9جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ خدا جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ خدا جي اها اهم شاهدي سندس فرزند جي حق ۾ آهي. 10جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ خدا کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس فرزند جي حق ۾ آهي. 11#يو 3‏:36 اها شاهدي هيءَ آهي تہ خدا اسان کي دائمي زندگي بخشي آهي ۽ اها زندگي خدا جي فرزند ۾ آهي. 12سو جنهن وٽ خدا جو فرزند آهي تنهن وٽ زندگي آهي ۽ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.
دائمي زندگي
13اوهين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي دائمي زندگي مليل آهي. 14اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو اعتماد آهي تہ جڏهن بہ اسين سندس مرضيءَ موجب ڪجھہ گھرون تہ هو اسان جي ٻڌندو. 15جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو.
16 # مر 3‏:28‏-29 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي. 17هر بري ڳالهہ گناهہ آهي، پر هر گناهہ جو نتيجو موت نہ آهي.
18اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي گناهہ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن حفاظت اهو ٿو ڪري جيڪو خدا جو فرزند آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي. 19هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي. 20اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي. 21سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.

Currently Selected:

1.يوحنا 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in