4
سچ وارو روح ۽ گمراهيءَ وارو روح
1اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا. 2خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو، تنهن ۾ خدا جو روح آهي. 3پر جيڪو ماڻهو عيسيٰ بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ خدا جو روح نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جو روح آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اهو روح اچڻ وارو آهي، بلڪ هاڻي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.
4پيارا ٻارؤ! اوهين خدا جا آهيو ۽ انهن تي فتحياب ٿيا آهيو جيڪي نبي سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو دنيا ۾ آهي. 5اهي ماڻهو دنيا جا آهن، تنهنڪري هو دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ دنيا انهن جي ٻڌي ٿي. 6پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح.
خدا پيار آهي
7اي عزيزؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار خدا جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آهي ۽ هو خدا کي ڄاڻي ٿو. 8پر جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو خدا کي نہ ٿو ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ خدا پيار آهي. 9خدا پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئين زندگي حاصل ڪريون. 10پيار اهو نہ آهي تہ اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ خدا اسان سان پيار ڪندي پنهنجي فرزند کي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قربانيءَ طور موڪليو. 11اي عزيزؤ! جيئن تہ خدا اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون. 12#يو 1:18 خدا کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.
13اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين خدا ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪيو آهي. 14هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي. 15سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي، تہ خدا انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو خدا ۾. 16ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو يقين بہ اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ خدا پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو خدا ۾ رهي ٿو ۽ خدا بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.
17خدا ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح خدا ۾ آهي تيئن ئي هن دنيا ۾ اسين بہ خدا ۾ آهيون. 18پيار ۾ ڪوبہ خوف ڪونهي، بلڪ مڪمل پيار تہ خوف ڪڍي ٿو ڇڏي. خوف سزا جي ڪري ٿئي ٿو، سو جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ اڃا ڪامل نہ ٿيو آهي.
19اسين پيار انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پهريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آهي. 20جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو خدا سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو. 21جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.