1
1.يوحنا 14:5
Sindhi Bible FB
SB
اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو اعتماد آهي تہ جڏهن بہ اسين سندس مرضيءَ موجب ڪجھہ گھرون تہ هو اسان جي ٻڌندو.
Compare
Explore 1.يوحنا 5:14
2
1.يوحنا 15:5
جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو.
Explore 1.يوحنا 5:15
3
1.يوحنا 3:5-4
خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان.
Explore 1.يوحنا 5:3-4
4
1.يوحنا 12:5
سو جنهن وٽ خدا جو فرزند آهي تنهن وٽ زندگي آهي ۽ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.
Explore 1.يوحنا 5:12
5
1.يوحنا 13:5
اوهين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي دائمي زندگي مليل آهي.
Explore 1.يوحنا 5:13
6
1.يوحنا 18:5
اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي گناهہ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن حفاظت اهو ٿو ڪري جيڪو خدا جو فرزند آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.
Explore 1.يوحنا 5:18