ڳاڻاٽو 2
2
1پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 2بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي نشانين سان تنبو کوڙي: اهي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، ۽ انهي جي آس پاس پنهنجا تنبو هڻن. 3جيڪي اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين، سي يهوداهہ جي منزلگاهہ جي جهنڊي وارا پنهنجي لشڪرن موجب هجن: ۽ عمينداب جو پٽ نحسون، بني يهوداهہ جو سردار ٿئي. 4۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا. 5۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي اشڪار جي قبيلي وارا هجن، ۽ ضغر جو پٽ نتني ايل، بني اشڪار جو سردار ٿئي. 6۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا. 7تنهن کان پوءِ زبولون جو قبيلو هجي، ۽ حيلون جو پٽ الياب، بني زبولون جو سردار ٿئي. 8۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار چار سؤ هئا. 9سو يهوداهہ جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ هئا. اهي پهرين ڪوچ ڪن.
10ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي. 11۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا. 12۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي شمعون جي قبيلي وارا هجن، ۽ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل، بني شمعون جو سردار ٿئي: 13۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا: 14تنهن کان پوءِ جد جو قبيلو هجي؛ ۽ رعوايل جو پٽ الياسف بني جد جو سردار ٿئي: 15۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا. 16سو روبن جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ ۽ پنجاهہ هئا. اهي ٻئي دفعي ۾ ڪوچ ڪن.
17انهن کان پوءِ جماعت وارو تنبو لشڪرن جي وچ ۾، لاوين جي لشڪر سان گڏ ڪوچ ڪري اڳتي هلي: جهڙي طرح منزل ڪن، تهڙيءَ طرح ڪوچ ڪن، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، سندن جهنڊن جي ڀرسان هجي.
18الهندي واري پاسي افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ عميهود جو پٽ اليسمع بني افرائيم جو سردار ٿئي: 19۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا. 20۽ انهي جي ڀرسان منسي جو قبيلو هجي، ۽ فداهصور جو پٽ جملي ايل بني منسي جو سردار ٿئي: 21۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا. 22تنهن کان پوءِ بنيمين جو قبيلو هجي، ۽ جدعونيءَ جو پٽ ابدان، بني بنيمين جو سردار ٿئي: 23۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا. 24سو افرائيم جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک اٺ هزار ۽ هڪ سؤ هئا. اهي ٽئين دفعي ۾ ڪوچ ڪن.
25اُتر واري پاسي دان جي منزل گاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر، بني دان جو سردار ٿئي: 26۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا. 27۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي آشر جي قبيلي وارا هجن، ۽ عڪران جو پٽ فجعي ايل، بني آشر جو سردار ٿئي: 28۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا. 29تنهن کان پوءِ نفتاليءَ جو قبيلو هجي، ۽ عينان جو پٽ اخيرع، بني نفتاليءَ جو سردار ٿئي: 30۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا. 31سو دان جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي هڪ لک ستونجاهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا. اهي سڀني جي پٺيان پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان ڪوچ ڪن.
32بني اسرائيل مان سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب جن جو شمار ڪيو ويو، سي اهي آهن، يعني منزلگاهن مان جن جو سندن لشڪرن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا؛ 33پر لاويءَ جي نسل وارا بني اسرائيل ۾ شمار نہ ڪيا ويا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 34سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.