ڳاڻاٽو 1
1
1جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل جي ساري جماعت جو، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هرهڪ مرد جو نالو وٺي شمار ڪر. 3بني اسرائيل ۾ جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن لشڪر موجب، تون ۽ هارون گڏجي شمار ڪريو. 4هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي. 5۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور. 6شمعون جي قبيلي مان؛ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل. 7يهوداهہ جي قبيلي مان؛ عمينداب جو پٽ نحسون. 8اشڪار جي قبيلي مان؛ ضغر جو پٽ نتني ايل. 9زبولون جي قبيلي مان؛ حيلون جو پٽ الياب. 10يوسف جي پٽن مان: افرائيم جي قبيلي مان؛ عميهود جو پٽ اليسمع: ۽ منسي جي قبيلي مان؛ فداهصور جو پٽ جملي ايل. 11بنيمين جي قبيلي مان؛ جدعونيءَ جو پٽ ابدان. 12دان جي قبيلي مان؛ عميشدي جو پٽ اخيعزر. 13آشر جي قبيلي مان؛ عڪران جو پٽ فجعي ايل. 14جد جي قبيلي مان؛ رعوايل جو پٽ الياسف. 15نفتاليءَ جي قبيلي مان؛ عينان جو پٽ اخيرع. 16اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا. 17سو اهي ماڻهو جن جا نالا ڏنل آهن، تن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو: 18۽ انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ ساري جماعت گڏ ڪئي، ۽ انهن جي نالن جي شمار موجب، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، تن پنهنجن خاندانن، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، پنهنجا نسب ناما بيان ڪيا. 19۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ اُنهن جو شمار ڪيو.
20اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 21اهڙي طرح روبن جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇائيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
22۽ شمعون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 23اهڙيءَ طرح شمعون جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا.
24۽ جد جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 25اهڙيءَ طرح جد جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
26۽ يهوداهہ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 27اهڙيءَ طرح يهوداهہ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.
28اشڪار جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 29اهڙيءَ طرح اشڪار جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
30۽ زبولون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 31اهڙيءَ طرح زبولون جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
32۽ يوسف جي پٽن، افرائيم جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 33اهڙيءَ طرح افرائيم جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
34۽ منسي جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 35اهڙيءَ طرح منسيءَ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
36۽ بنيمين جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 37اهڙيءَ طرح بنيمين جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
38۽ دان جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 39اهڙيءَ طرح دان جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.
40۽ آشر جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 41اهڙيءَ طرح آشر جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
42۽ نفتاليءَ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛ 43اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
44اهي آهن سڀيئي مرد، جن جو شمار ڪيو ويو، جن کي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي ٻارهن سردارن شمار ڪيو: انهن مان هرڪو پنهنجي اباڻي گهراڻي مان هو. 45اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، ۽ جن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي سڀ، 46يعني جيڪي بہ شمار ڪيا ويا، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
47پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛ 48ڇالاءِ جو خداوند، موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 49تون فقط لاويءَ جي قبيلي کي شمار نہ ڪج، نڪي انهن کي بني اسرائيل جي شمار ۾ داخل ڪج. 50پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن. 51۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو. 52۽ بني اسرائيل مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي منزلگاهہ ۾، پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجن لشڪرن موجب، پنهنجو تنبو هڻي؛ 53پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن. 54سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.