ڳاڻاٽو 3
3
1هاڻي جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن موسيٰ ۽ هارون جون هي پيڙهيون هيون. 2۽ هارون جي پٽن جا نالا هي آهن: ندب جيڪو پهريتو هو، ۽ ابيهو، ۽ اليعزر، ۽ اتمر. 3هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن. 4۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.
5۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 6لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن. 7۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن. 8۽ هو جماعت واري تنبوءَ جي سموري سامان جي، ۽ بني اسرائيل جي ساريءَ امانت جي نگهباني ڪن، انهي لاءِ تہ عبادت جي خيمي جي خدمت ڪندا رهن. 9۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن. 10۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.
11۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 12ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛ 13ڇالاءِ جو سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن؛ جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن اسرائيل ۾ سڀ پهريتا، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا: اهي منهنجا ٿيندا؛ آءٌ خداوند آهيان.
14۽ خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 15تون بني لاويءَ جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪر، يعني جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جو تون شمار ڪر. 16سو جيئن موسيٰ کي حڪم مليو، تيئن خداوند جي فرمان موجب هن انهن جو شمار ڪيو. 17۽ لاويءَ جا پٽ سندن نالن موجب هي هئا؛ يعني جيرسون، قهات ۽ مراري. 18۽ جيرسون جي پٽن جا نالا سندن خاندانن موجب هي آهن: لبني ۽ سمعي. 19۽ قهات جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل. 20۽ مراريءَ جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: محلي ۽ موشي. سو لاوين جا خاندان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب اِهي آهن.
21جيرسون مان لبني وارن جو خاندان، ۽ شمعي وارن جو خاندان هو: اهي آهن بني جيرسون جا خاندان. 22انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ست هزار ۽ پنج سؤ هئا. 23اهي بني جيرسون جا خاندان عبادت واري خيمي جي الهندي پاسي پنهنجا تنبو کوڙين. 24۽ لاايل جو پٽ الياسف، بني جيرسون جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. 25۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛ 26۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جا پردا، جيڪي خيمي ۽ قربانگاهہ جي ويجها آهن، ۽ اڱڻ جي در جو پردو، ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهي ۾ ڪم ٿا اچن.
27قهات مان عمرام وارن جو خاندان، ۽ اَضهار وارن جو خاندان، ۽ حبرون وارن جو خاندان، ۽ عزي ايل وارن جو خاندان هو. اهي آهن بني قهات جا خاندان. 28انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا، ۽ پاڪ مڪان جي نگهباني انهن جي ذمي هئي. 29اهي بني قهات جا خاندان، عبادت واري خيمي جي ڏکڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين. 30۽ عزي ايل جو پٽ اليصفن، بني قهات جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. 31۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي. 32۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.
33مراريءَ مان محليءَ وارن جو خاندان، ۽ موشيءَ وارن جو خاندان هو: اهي آهن بني مراريءَ جا خاندان. 34انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا. 35ابيخيل جو پٽ صوري ايل، بني مراريءَ جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. اهي خيمي جي اُتر واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين. 36۽ عبادت واري خيمي جا تختا، ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا، ۽ انهي جا سڀ اوزار، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ ڪم، بني مراريءَ جي ذمي رهي. 37۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جي آسپاس وارا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جا رسا بہ سندن نگهبانيءَ هيٺ رهن. 38۽ خيمي جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، سج اُڀرڻ واري پاسي جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ انهي جا پٽ هجن؛ اهي بني اسرائيل جي لاءِ خيمي جي نگهباني ڪن؛ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي، سو ماريو وڃي. 39سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، يعني جن جو موسيٰ ۽ هارون، خداوند جي حڪم پٽاندر، سندن خاندانن موجب شمار ڪيو، سي مڙيئي ٻاويهہ هزار هئا.
40پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جو شمار ڪر، يعني جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جي نالن جو شمار ڪر. 41۽ تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي بدران، منهنجي لاءِ لاوين جو شمار ڪر (آءٌ خداوند آهيان)؛ ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهرين ڄاول ٻچن جي بدران، لاوين جي چوپائي مال جو شمار ڪر. 42سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن هن بني اسرائيل جي پهريتي پٽن جو شمار ڪيو. 43۽ انهن مان سڀيئي پهريتا پٽ، جن جو سندن نالن موجب شمار ڪيو ويو، سي ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هئا.
44۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 45تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان. 46بني اسرائيل جي پهريتن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي شمار کان وڌيڪ آهن، تن جو عيوضو ڏيئي ڇڏائڻ لاءِ، 47تون انهن کان هڪڙي هڪڙي لاءِ پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا پنج مشقال وٺ؛ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيرہ آهن. 48۽ اها رقم جنهن سان انهن جو اهو وڌيڪ تعداد ڇڏايو وڃي، سا تون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏج. 49سو جيڪي لاوين جي عيوضي ۾ ڇڏايا ويا، تن کان وڌيڪ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان موسيٰ اها عيوضي واري رقم وصول ڪئي. 50هن اهي پئسا بني اسرائيل جي پهريتي پٽن کان ورتا. اهي پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا هڪ هزار ٽي سؤ ۽ پنجهٺ مشقال ٿيا. 51۽ موسيٰ اهي ڇوٽڪاري جي عيوضي وارا پئسا، خداوند جي حڪم موجب، هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.