ڳاڻاٽو 16
16
1هاڻي قورح بن اضهار، بن قهات، بن لاوي، ۽ داتن ۽ ابيرام بن الياب، ۽ اون بن پلت، جي روبن جا پٽ هئا، تن پاڻ سان ڪي ماڻهو گڏ ڪيا: 2۽ اهي بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جي جماعت مان چونڊيل سردار ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي ساڻ ڪري، موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿيا. 3اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟ 4۽ جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪريو. 5پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو. 6اوهين هيئن ڪريو، قورح ۽ سندس ٽوليءَ وارا سڀيئي واسوڙا کڻو؛ 7۽ سڀاڻي خداوند جي حضور ۾ انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجهو: پوءِ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند پسند ڪندو، سو پاڪ ٿيندو: اي لاويءَ جا گهراڻا اوهين ڏاڍي زوراوري ٿا ڪريو. 8پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ اي بني لاويءَ جا گهراڻا، هاڻي ٻڌو: 9اوهين اها خسيس ڳالهہ ٿا سمجهو ڇا جو خدا اوهان کي بني اسرائيل جي جماعت مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، ۽ اوهان کي پاڻ وٽ سڏيو اٿس؛ انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي خيمي جي خدمت ڪريو، ۽ جماعت جي سامهون بيهي سندن ٽهل ڪريو؛ 10۽ هن توکي، ۽ توسان گڏ تنهنجن سڀني ڀائرن کي، يعني لاويءَ جي گهراڻي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ هاڻي اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجهو ڇا؟ 11تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟ 12پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گهرايو، پر هنن چيو تہ اسين ڪين اينداسين. 13اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟ 14تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين. 15تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم. 16پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ سڀاڻي تون پنهنجي سڄيءَ ٽوليءَ سميت، يعني تون، ۽ اهي، ۽ هارون، سڀيئي خداوند جي اڳيان حاضر ٿجو؛ 17۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو واسوڙو کڻي انهي تي لوبان وجهي، ۽ هرڪو پنهنجو واسوڙو خداوند جي حضور ۾ آڻي، انهيءَ طرح اڍائي سؤ واسوڙا ٿين، تون، ۽ هارون بہ پنهنجو پنهنجو واسوڙو آڻيو. 18ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو. 19سو قورح، پنهنجي سڄي ٽولي، هنن جي برخلاف جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي گڏ ڪئي؛ تڏهن خداوند جو جلال سڄي جماعت جي روبرو ظاهر ٿيو.
20۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 21اوهين پاڻ کي هن جماعت کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ ڀسم ڪريان. 22تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟ 23تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 24تون جماعت کي چئُہ تہ اوهين قورح، داتن، ۽ ابيرام جي تنبن جي پسگردائيءَ کان نڪري پري ٿيو. 25تڏهن موسيٰ اتي داتن ۽ ابيرام وٽ ويو، ۽ اسرائيل جا بزرگ سندس پٺيان ويا. 26۽ هن جماعت کي مخاطب ٿي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن کان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، متان اوهين بہ هنن جي سڀني گناهن ۾ چٽ ٿي وڃو. 27ان موجب هو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن کان هٽي پري ٿيا، ۽ داتن ۽ ابيرام نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا، ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ننڍڙا ٻار بہ ساڻن گڏ هئا. 28تڏهن موسيٰ چيو تہ انهي مان اوهان کي سڌ پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي مرضيءَ سان اهي نہ ڪيا آهن. 29جيڪڏهن هي ماڻهو ٻين سڀني ماڻهن وانگر عام موت مرن، يا جيڪڏهن هنن تي ڪا اهڙي آفت نازل ٿئي، جا ٻين سڀني ماڻهن تي ٿيندي آهي، تہ آءٌ خداوند جو موڪليل نہ آهيان. 30پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي. 31۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛ 32۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي. 33انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا. 34۽ سڀ اسرائيلي جيڪي انهن جي آس پاس هئا، سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي. 35پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين.
36۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 37هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي چئُہ تہ سڙيل ڍير مان واسوڙا ڪڍي وٺي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن؛ ۽ تون باهہ کي هيڏانهن هوڏانهن پکيڙي ڇڏ. 38اهي گنهگار، جيڪي پنهنجيءَ حياتيءَ جا دشمن ٿيا، تن جي واسوڙن کي ڪٽي، قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيو، ڇو جو هنن اهي خداوند جي حضور ۾ نذر ڪيا، تنهنڪري اهي پاڪ آهن؛ ۽ اهي بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي نشاني ٿيندي. 39تڏهن اليعزر ڪاهن، اهي پتل جا واسوڙا کنيا، جي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا، ۽ انهن کي ڪٽي قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيائين، 40تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.
41پر ٻئي ڏينهن بني اسرائيل جي جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تہ اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي. 42۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو. 43تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آيا. 44۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 45اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو. 46۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي. 47تڏهن هارون موسيٰ جي چوڻ موجب واسوڙو کڻي جماعت ۾ ڊوڙي ويو، ۽ ڏسو، طاعون ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪو هو. سو هن لوبان ساڙيو، ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ڪيائين؛ 48۽ هو، مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن طاعون بند ٿي ويو. 49هاڻي جيڪي طاعون ۾ مئا، سي چوڏهن هزار ۽ ست سؤ هئا، سواءِ انهن جي جيڪي قورح واري حادثي ۾ مئا هئا. 50پوءِ هارون جماعت واري تنبوءَ جي در تي موسيٰ وٽ آيو ۽ طاعون بند ٿي ويو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 16: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.