YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 15

15
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيان ٿو، تنهن ۾، جڏهن اوهين وڃي پهچو، 3۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛ 4تہ انهي وقت جيڪو خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري، سو هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي. 5سو سوختني قربانيءَ يا ٻيءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهيٽي جي پٺيان، هڪڙي هين جو چوٿون حصو مئي جو تون پيئڻ واري قربانيءَ جي لاءِ تيار ڪج. 6يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري تيل ۾ تيار ڪج. 7۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري مئي، خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي تيار ڪج. 8۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين، 9تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري. 10۽ تون پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي اڌ جيتري مئي، باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪج. 11هرهڪ وهڙي، ۽ هرهڪ گهٽي، ۽ هرهڪ گهيٽي، ۽ هرهڪ ڇيلي لاءِ، انهيءَ طرح ڪيو وڃي. 12اوهين پنهنجين قربانين لاءِ جيترا جانور آڻيو، تن جي شمار موجب هرهڪ سان ائين ئي ڪجو. 13جيڪي ملڪ ۾ ڄاول آهن، سي سڀ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي باهہ سان ساڙيل قرباني پيش ڪرڻ وقت ائين ئي ڪن. 14۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، يا جيڪو پيڙهين کان وٺي اوهان ۾ رهندو هجي، سو جيڪڏهن خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ تہ اهو بہ ائين ئي ڪري، جيئن اوهين ٿا ڪريو. 15جماعت جي لاءِ، يعني اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي انهي جي لاءِ، اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ هڪڙو ئي قانون ٿيندو: خداوند جي اڳيان پرديسي مسافر بہ اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهين آهيو. 16اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، انهي جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت ۽ هڪڙو ئي قانون ٿيندو.
17پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 18تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو وڃان، 19۽ انهي ملڪ جي ماني کائو، تڏهن خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قرباني پيش ڪجو. 20اوهين پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان هڪڙي ماني کڻڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏجو، جهڙيءَ طرح ان ڳاهڻ وقت کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا آهيو، تهڙيءَ طرح اها بہ مٿي کڻجو. 21اوهين پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا رهجو.
22۽ جڏهن اوهين ڀل ڪري هي سڀ ڪم، جي خداوند موسيٰ کي فرمايا سي بجا نہ آڻيو، 23يعني جيڪي بہ حڪم خداوند موسيٰ جي معرفت اوهان کي ڏنا آهن، سي پهرين ڏينهن کان وٺي اوهانجين سڀني پيڙهين تائين بجا نہ آڻيو؛ 24تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري. 25۽ ڪاهن بني اسرائيل جي ساري جماعت لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها هڪڙي ڀل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري هنن پنهنجو نذرانو، يعني باهہ سان ساڙيل قرباني، ۽ پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ اُنهي ڀل لاءِ پيش ڪئي: 26پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت کي، ۽ پرديسي جيڪي ساڻن گڏ ٿا رهن، تن کي بہ معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها خطا جماعت کان ڀل مان ٿي هئي. 27۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، تہ هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ يڪسالي ٻڪري پيش ڪري. 28۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي. 29بني اسرائيل مان جيڪو ڀل مان خطا ڪري، سو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي منجهن رهندڙ پرديسي هجي، تہ انهي لاءِ اوهين هڪڙو ئي قانون رکجو. 30پر جيڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي ڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي پرديسي هجي، تہ اهو خداوند جي لاءِ ڪفر ٿو بڪي؛ ۽ اهو شخص پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو. 31ڇالاءِ جو هن خداوند جي ڪلام جي بي ادبي ڪئي، ۽ سندس حڪم ڀڳائين؛ اهڙو شخص اصل تباهہ ڪيو ويندو، ۽ هن جو گناهہ انهي جي سر تي رهندو.
32جڏهن اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ هئا، تڏهن هنن هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو. 33۽ جن هن کي ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو، سي کيس موسيٰ، ۽ هارون، ۽ ساري جماعت وٽ وٺي آيا. 34۽ انهن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇالاءِ جو انهن کي اهو ڪونہ ڄاڻايل هو تہ هن سان ڪهڙي هلت ڪجي. 35تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هن ماڻهوءَ کي ضرور ماري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ساري جماعت منزلگاهہ جي ٻاهران هن کي سنگسار ڪري. 36سو ساريءَ جماعت هن کي منزلگاهہ جي ٻاهر آڻي سنگسار ڪيو، ۽ هو مري ويو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
37پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 38تون بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ هو پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجن پهراڻن جي ڪنارن تي جهالرون لڳائين، ۽ هرهڪ ڪناري جي جهالر تي آسماني رنگ جي پٽي لڳائين. 39اها جهالر اوهان جي هن ڪم ايندي، تہ اوهين انهيءَ کي ڏسي، خداوند جا سڀ حڪم ياد ڪريو، ۽ عمل ۾ آڻيو: ۽ اوهين پنهنجين اکين ۽ پنهنجيءَ دل جي تابع ٿي، زناڪاري نہ ڪريو؛ جيئن هن وقت تائين ڪندا آيا آهيو. 40پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو: 41آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 15: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in