پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي. ۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛ ۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي.