ڳاڻاٽو 14
14
1تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو. 2۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو! 3ڇالاءِ خداوند اسان کي هن ملڪ ۾ ترار سان مارجڻ لاءِ آندو آهي؟ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار پڪڙجي ويندا: اسان لاءِ ائين بهتر نہ آهي ڇا، تہ موٽي مصر ۾ هلون؟ 4۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ اچو تہ هڪڙي کي پنهنجو سردار بنائي موٽي مصر ۾ هلون. 5تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا. 6۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا: 7۽ انهن بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چيو تہ جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين انهي مان لنگهياسين، سو نهايت چڱو ملڪ آهي. 8جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو. 9رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو. 10پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو.
11۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟ 12آءٌ هنن کي وبا سان ماريندس، ۽ کين ورثي کان خارج ڪندس، ۽ تو مان هڪڙي هنن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم ٺاهيندس. 13پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ پوءِ مصري اهو ٻڌندا، ڇالاءِ جو تو هن اُمت کي انهن ماڻهن منجهان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؛ 14۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين. 15هاڻي جيڪڏهن تون هن اُمت کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماريندين، تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي، سي چونديون تہ 16خداوند هن اُمت کي انهي ملڪ ۾ پهچائي نہ سگهيو، جنهن بابت انهن سان قسم کنيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ماري وڌائين. 17هاڻي، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ ڀلي تہ خداوند جي عظيم قدرت ظاهر ٿئي، جيئن تو فرمايو آهي، تہ 18خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي. 19آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي وڏيءَ ٻاجهہ موجب، هن اُمت جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح ڪ تون مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن اُمت کي معافي ڏني آهي. 20تڏهن خداوند فرمايو تہ مون تنهنجي چوڻ موجب انهن کي معافي ڏني: 21پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛ 22ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن. 23سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو. 24پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو. 25هاڻي عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿريءَ واريءَ زمين تي ٿا رهن: سو سڀاڻي اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ۾ نڪري وڃو.
26۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائين تہ 27هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛ 28انهن کي چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ جيڪي ڳالهيون اوهان منهنجي ٻڌندي ڪيون آهن، تيئن آءٌ بہ اوهان سان ڪندس. 29اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي، 30۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو. 31پر اوهان جا ٻار جن جي نسبت ۾ اوهان چيو تہ اهي پڪڙجي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس، ۽ اهي انهي ملڪ جو قدر ڄاڻندا، جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي. 32باقي اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا. 33۽ اوهان جا ٻار چاليهن ورهين تائين هن بيابان ۾ پيا رلندا، ۽ اوهان جي زناڪارين جو ڪيتو پيا لوڙيندا؛ جيسين ڪ اوهان جا لاشا بيابان ۾ سڙي ڳري ويندا. 34جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي. 35مون خداوند اهو فرمايو آهي ۽ يقين ڄاڻو تہ هيءَ خراب جماعت، جا منهنجي برخلاف گڏ ٿي آهي، تنهن سان آءٌ ائين ڪندس. اهي هن بيابان ۾ برباد ٿيندا، ۽ اتي ئي مرندا. 36۽ جن ماڻهن کي موسيٰ انهي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ۽ جن موٽي اچي انهيءَ زمين بابت خراب خبر ٻڌائي، جنهنڪري ساري جماعت هن جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، 37يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا. 38پر نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، انهن ماڻهن مان جيڪي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، جيئرا رهيا. 39سو موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، ۽ اهي ماڻهو ڏاڍا غمگين ٿيا؛ 40۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي. 41تڏهن موسيٰ چيو تہ اوهين خداوند جي حڪم عدولي ڇو ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ڏسو ٿا تہ انهي مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؟ 42خداوند اوهان منجهہ ڪونهي، تنهنڪري اوهين مٿي نہ وڃو، متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو. 43ڇالاءِ جو اتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان جي سامهون آهن، ۽ اوهين ترار سان مارجي ويندا: اوهين خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويا آهيو، انهي ڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو. 44پر هو گستاخي ڪري جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳا: تڏهن بہ خداوند جي عهد جي صندوق، ۽ موسيٰ، منزلگاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا. 45پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 14: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.