پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛ ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن. سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو.