YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 27

27
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن ڪو ماڻهو خاص مڃت مڃي ۽ ڪنهن کي بہ خداوند جي لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي، تڏهن اُهي ماڻهو خداوند جا ٿيندا. 3انهن ماڻهن جي قيمت، تنهنجي ٺهرايل انداز موجب هن ريت ٿيندي: مرد ماڻهوءَ جي واسطي جنهن جي عمر ويهن ورهين کان وٺي سٺ ورهين تائين هجي، تنهن جي لاءِ تون پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا چانديءَ جا پنجاهہ مشقال انداز مقرر ڪج. 4۽ جيڪڏهن ڪا زال هجي، تہ انهيءَ جي لاءِ تنهنجو انداز ٽيهہ مشقال ٿيندو. 5پر جيڪڏهن انهي جي عمر پنجن ورهين کان وٺي ويهن ورهين تائين هجي، تہ پوءِ تون مرد جي لاءِ ويهہ مشقال، ۽ زال جي لاءِ ڏهہ مشقال انداز مقرر ڪج. 6۽ جيڪڏهن انهي جي عمر هڪڙي مهيني کان وٺي پنجن سالن تائين هجي، تہ پوءِ تون مرد جي لاءِ چانديءَ جا پنج مشقال، ۽ زال جي لاءِ چانديءَ جا ٽي مشقال انداز مقرر ڪج. 7جيڪڏهن انهي جي عمر سٺ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تہ پوءِ جي مرد هجي، تہ اُنهي جي لاءِ پندرهن مشقال، ۽ جي زال هجي تہ انهيءَ جي لاءِ ڏهہ مشقال انداز مقرر ڪج. 8پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.
9جن جانورن کي خداوند جي لاءِ قربان ڪندا آهن، تن مان ڪنهن کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ مڃت طور پيش ڪري، تہ اُهو پاڪ ٿيندو. 10هو انهي کي بدلائي نہ، نڪي خراب جي بدران چڱو، يا چڱي جي بدران خراب ڏئي: پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ ضروري سمجهي، تہ اُهو جانور ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا. 11پر جيڪڏهن اهو ناپاڪ جانور هجي، جنهن جي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهبي آهي، تہ هو اهو جانور ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪري: 12۽ ڪاهن انهي جي قيمت ٺهرائي، پوءِ هو چڱو هجي، توڙي خراب: پر اي ڪاهن جيتري قيمت تون مقرر ڪندين، اوتري ٿيندي. 13پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.
14۽ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گهر خداوند جي لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ ڪاهن انهي جي قيمت مقرر ڪري، پوءِ اهو چڱو هجي توڙي خراب: پر جيتري قيمت ڪاهن مقرر ڪندو، سا قائم رهندي. 15۽ جنهن ماڻهوءَ اهو گهر پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنو هجي، سو جيڪڏهن عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پيسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گهر سندس ٿيندو.
16۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ جيترو ٻج انهي ۾ پوکي سگهجي، تنهن موجب تون انهي جي قيمت مقرر ڪج: جنهن ۾ هڪڙو هومر جوَن جو ٻج پوکي سگهجي، تنهن جي قيمت چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ٿيندي. 17۽ جيڪڏهن هو پنهنجي ٻني جشن جي سال کان وٺي پاڪ ٺهرائي، تہ انهيءَ جي قيمت تنهنجي انداز موجب قائم رهندي. 18پر جيڪڏهن هو جشن واري سال کان پوءِ پنهنجي ٻني پاڪ ٺهرائي، تہ پوءِ ڪاهن اوترن ورهين جو حساب ڪري، جيترا جشن جي سال تائين باقي رهندا هجن، ۽ ٺهرايل قيمت گهٽائي وڃي. 19پر جيڪڏهن ٻني پاڪ ٺهرائڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي اها ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اها سندس ملڪيت ٿيندي. 20پر جي هو اها ٻني ڇڏائڻ نہ گهري، يا اها ڪنهن ٻئي ماڻهو کي وڪي هجيس، تہ هو اها وري ڪڏهن بہ ڇڏائي نہ سگهندو: 21پر اها ٻني جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽڻ کان پوءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪيل ٻنيءَ وانگر پاڪ رهندي، ۽ ڪاهن جي قبضي ۾ ٿيندي. 22۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خريد ڪيل ٻني، جا اصل کان سندس ميراث نہ هجي، سا خداوند جي لاءِ پاڪ ٺهرائڻ گهري؛ 23تہ ڪاهن کي گهرجي تہ جيترا ورهيہ جشن جي سال تائين باقي هجن، تن جو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب حساب ڪري: ۽ هو انهي ڏينهن تنهنجي ٺهرايل قيمت ڏئي، تہ خداوند جي لاءِ پاڪ ٿئي. 24۽ جشن واري سال ۾ اها ٻني موٽي انهي کي ملندي، جنهن کان اها خريد ڪيل هوندي، يعني انهي کي جنهن جي اها زمين اصل کان ملڪيت هوندي. 25۽ تنهنجا سڀ انداز پاڪ مڪان جي مشقال موجب ٿيندا: ۽ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيراہ ٿيندا.
26جانورن مان فقط پهريون ڄاول ٻچو، جو خداوند جي لاءِ پهريون ڦل آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو مخصوص نہ ڪري: پوءِ اهو ڍڳو هجي يا رڍ، اهو خداوند جو آهي. 27۽ جيڪڏهن اهو جانور ناپاڪ هجي، تہ هو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب پئسا ڏيئي انهي کي ڇڏائي، ۽ انهي جي قيمت جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي، پر جي اهو نہ ڇڏايو وڃي تہ تنهنجي انداز موجب وڪيو وڃي.
28انهي هوندي بہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪري، پوءِ اها وقف ڪيل شيءِ ماڻهو هجي توڙي جانور هجي، يا سندس ملڪيت جي ڪا ٻني هجي، تہ اها وڪامڻ ۾ نہ اچي، ۽ نڪي عيوضو ڏيئي ڇڏائي وڃي: سڀڪا وقف ڪيل شيءِ خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي. 29ماڻهن مان ڪو وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي؛ پر ضرور ماريو وڃي.
30۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي. 31۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجهہ ڇڏائڻ گهري، تہ هو اُنهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي. 32۽ ڍورن ۽ ڌڻن منجهان بہ، سڀ جيڪي ڌنار جي لٺ هيٺان ٿا لنگهن، تن جو ڏهون حصو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو. 33هو اهو خيال نہ ڪري، تہ اهو چڱو آهي يا خراب، نڪي هو اُنهيءَ کي بدلائي: پر جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري هو انهي کي بدلائڻ ضروري سمجهي تہ اهو جانور، ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا؛ اهو عيوضو ڏيئي ڇڏائي نہ سگهبو.
34اهي آهن حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 27: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for لاوي سرشتو 27