YouVersion Logo
Search Icon

متي 9

9
1۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو. 2۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا. 3۽ ڏسو، فقيهن مان ڪن پنهنجي دل ۾ چيو تہ هي ماڻهو ڪفر ٿو بڪي. 4۽ يسوع هنن جي دل جا دليل معلوم ڪري چيو تہ اوهين پنهنجي دل ۾ برا خيال ڇو ٿا ڪريو؟ 5ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، ائين چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿي گهم ڦر؟ 6پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ. 7پوءِ هو اُٿيو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو. 8پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.
9۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.
10پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن ڏسو، گهڻا محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار اچي يسوع ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا. 11۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟ 12پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن. 13پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.
14تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟ 15يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا. 16۽ ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ جو جيڪي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٿو لڳائجي، تنهن جي ڪري ڪوٽ ڇڄي ٿو، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي. 17نڪي ماڻهو پراڻن ساندارن ۾ تازي انگوري رس ڀريندا آهن: نہ تہ جيڪر ساندارا بہ ڦاٽي پون؛ ۽ رس بہ هارجي وڃي، ۽ 18اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي. 19۽ يسوع اُٿي شاگردن سميت هن سان گڏجي ويو. 20۽ ڏسو، هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو سا سندس پٺيان آئي، ۽ سندس پوشاڪ جي دامن کي اچي هٿ لاتائين: 21ڇالاءِ جو هن پنهنجي دل ۾ چيو ٿي تہ جي آئون رڳو هن جي پوشاڪ کي هٿ لائينديس تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس. 22پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي. 23۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين، 24تڏهن چيائين تہ جاءِ ڏيو، ڇالاءِ جو ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پئي آهي. ۽ هو مٿس کِلڻ لڳا. 25پر جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن هو اندر گهڙيو، ۽ هن کي هٿ کان ورتائين، تہ ڇوڪري اُٿي ويٺي. 26۽ اُنهيءَ ڳالهہ جي ساري ملڪ ۾ هاڪ پئجي ويئي.
27پوءِ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن ٻہ انڌا سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳا، تہ اي ابن دائود، اسان تي رحم ڪر. 28پوءِ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن اُهي انڌا وٽس آيا: ۽ يسوع چين تہ اوهان جو ايمان آهي تہ هي آئون ڪري سگهندس؟ هنن چيس تہ هائو خداوند. 29تڏهن هن سندن اکين کي هٿ لائي چيو، تہ اوهان جي ايمان موجب اوهان سان ٿئي. 30تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي. 31پر هو ٻاهر هليا ويا، ۽ وڃي ساري ملڪ ۾ هن جو نالو هلايائون.
32اڃا هو ٻاهر نڪتا تہ ڏسو، هڪڙي گونگي کي وٽس وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو. 33۽ جڏهن هن ڀوت ڪڍيو، تڏهن خلق عجب ۾ پئجي چوڻ لڳي تہ اسرائيل ۾ اڳي ائين ڪونہ ڏسڻ ۾ آيو. 34پر فريسين چيو تہ هيءُ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.
35پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو. 36پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا. 37تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ فصل تہ بيشڪ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن. 38تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.

Currently Selected:

متي 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy