YouVersion Logo
Search Icon

متي 10

10
1۽ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي کين هيءَ اختياري ڏني، تہ ڀوتن کي ڪڍن، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي مرض ۽ بيماريءَ کان شفا ڏين. 2هاڻي اُنهن ٻارهن رسولن جا نالا هي آهن: پهريون شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس؛ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ سندس ڀاءُ يوحنا؛ 3فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي، 4شمعون ڪنعاني، ۽ يهوداهہ اسڪريوتي جنهن جهلايس. 5انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو: 6بلڪ اسرائيل جي گهراڻي جون رڍون جيڪي گمراهہ ٿي ويون آهن، تن وٽ وڃو. 7۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي. 8بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو. 9پنهنجي ٻٽوئن ۾ سون يا رپو يا ٽامو نہ کڻجو؛ 10پنهنجي مسافريءَ لاءِ جهولي نہ کڻجو، ۽ نڪي ٻہ ڪوٽ، نڪي جُتي، نڪي لٺ؛ ڇالاءِ جو پورهيت پنهنجي کاڌي جو حقدار آهي. 11۽ جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ گهڙو، اُتي پڇا ڪجو تہ اُتي لائق ڀريو ماڻهو ڪير آهي ۽ جيسين اُتان روانا نہ ٿيو، تيسين اُتي ئي ٽڪيا رهجو. 12جيئن اوهين ڪنهن گهر ۾ گهڙو تہ سلام ڪجو. 13۽ جي گهر جا ڀاتي لائق هوندا، تہ اوهان جو سلام اُنهن کي رسندو، پر جي اُهي نالائق هوندا تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو. 14۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو. 15آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ عدالت جي ڏينهن اُنهي شهر کان سدوم ۽ عموراہ جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي وڌيڪ سوکي ٿيندي.
16ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو. 17پر ماڻهن کان سنڀالجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي صدر مجلس جي حوالي ڪندا، ۽ پنهنجن عبادتگاهن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا. 18هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي. 19پر جڏهن هو اوهان کي جهلائين، تڏهن اهو فڪر نہ ڪجو تہ ڪيئن يا ڇا ڳالهايون، ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي ڳالهائڻو هوندو سو اُنهيءَ گهڙيءَ پاڻهي اوهان کي ٻڌايو ويندو. 20ڇالاءِ جو ڳالهائڻ وارا اوهين ناهيو، پر اوهان جي پيءُ جو روح آهي، جو اوهان ۾ ڳالهائي ٿو. 21۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو. 22۽ منهنجي نالي ڪري سڀئي ماڻهو اوهان سان عداوت ڪندا، پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو. 23پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.
24شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي ناهي، نڪي نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان. 25ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا! 26تنهنڪري اُنهن کان نہ ڊڄو، ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ ڍڪيل شيءِ ڪانهي جا ظاهر ٿيندي، نڪا اهڙي ڪا لڪل شيءِ آهي جا پڌري نہ ٿيندي. 27جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو. 28۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي. 29ٻہ جهرڪيون هڪ پئسي نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ تہ بہ اُنهن مان هڪڙي بہ اوهان جي پيءُ جي مرضيءَ ڌاران زمين تي نہ ڪِرندي. 30بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن. 31تنهنڪري ڊڄو نہ، اوهين تہ ڪيترين ئي جهرڪين کان وڌيڪ آهيو. 32تنهنڪري جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو اقرار ڪندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، اقرار ڪندس. 33پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو انڪاري ٿيندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، انڪاري ٿيندس.
34ائين نہ ڀانئيو تہ منهنجي اچڻ ڪري زمين تي امن ٿيندو، امن تہ نہ، پر ترار هلندي. 35ڇالاءِ تہ منهنجي اچڻ ڪري ماڻهو پنهنجي پيءُ جي برخلاف ٿيندو، ۽ ڌيءَ پنهنجيءَ ماءُ جي برخلاف، ۽ ننهن پنهنجي سس جي برخلاف ٿيندي. 36۽ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر جا ڀاتي ٿيندا. 37جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي. 38۽ جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ايندو، سو منهنجي لائق نہ آهي. 39جيڪو پنهنجي جان بچائڻ ٿو گهُري، سو اُها وڃائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي جان منهنجي ڪاڻ وڃائي ٿو، تنهن کي اُها ملندي.
40جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي. 41جيڪو ڪنهن نبيءَ کي نبي ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نبيءَ جو اجر ملندو، ۽ جيڪو ڪنهن راستباز کي راستباز ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي راستباز جو اجر ملندو. 42آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.

Currently Selected:

متي 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy