زاريون 3
3
1آءٌ اهو ماڻهو آهيان جنهن هن جي ڪاوڙ جي لٺ سان ڏک سَٺو آهي،
2هن مون کي اونداهيءَ ۾ وٺي هلايو ۽ نہ سوجهري ۾.
3يقيناً سڄو ڏينهن هو پنهنجو هٿ وري وري مون تي ڦيرائي ٿو.
4منهنجو گوشت ۽ منهنجي کل هن خشڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ هن منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.
5هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.
6هن مون کي انڌارين جاين ۾ رهايو آهي، جيئن گهڻن ڏينهن جا مئل ماڻهو هوندا آهن.
7هن منهنجي چوڌاري ڀت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري آءٌ ٻاهر نڪري نٿو سگهان؛ هن منهنجو زنجير ڳرو ڪيو آهي.
8هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.
9هن ٽڪيل پٿرن سان منهنجا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، هن منهنجون واٽون ڏنگيون ڪيون آهن.
10هو منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو لڪي ويٺل رڇ، ۽ ڳجهين جاين ۾ شينهن.
11هن منهنجا رستا پاسيرا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ مون کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو اٿس؛ هن مون کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي.
12هن پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، ۽ مون کي پنهنجي تير جو نشان ڪري رکيو اٿس.
13هن پنهنجي بٿيءَ جا تير منهنجن گردن ۾ گهيڙائي ڇڏيا آهن.
14آءٌ پنهنجي سڄيءَ قوم وٽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن هو مون تي پيا راڳ ڳائين.
15هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.
16هن ڪنڪريءَ جي پٿرن سان منهنجا ڏند ڀڃي وڌا آهن، هن مون کي رک سان ڍڪي ڇڏيو آهي.
17۽ تو منهنجو روح خير سلامتيءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سک وساري ڇڏيو آهي.
18۽ مون چيو تہ منهنجي سگهہ ناس ٿي ويئي آهي، ۽ منهنجي اميد خداوند مان نڪري ويئي آهي.
19منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.
20منهنجو روح اڃا بہ انهن کي ياد پيو ڪري، ۽ منهنجي اندر ۾ غمگين آهي
21اها ڳالهہ آءٌ پنهنجي دل تي ٿو آڻيان، تنهن ڪري مون کي اميد آسرو آهي.
22اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.
23اهو روز صبح جو نئون آهي؛ تنهنجي سچائي وڏي آهي.
24منهنجو روح ٿو چوي تہ خداوند منهنجو حصو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ هن ۾ اُميد آسرو رکندس.
25جيڪي خداوند جي لاءِ منتظر ٿي ويهن ٿا، ۽ کيس ڳولين ٿا تن جي لاءِ هو مهربان آهي
26ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.
27ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي.
28هن کي اڪيلو ٿي ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هن اُها سندس مٿان رکي آهي.
29هن کي کپي تہ پنهنجو وات مٽيءَ تي رکي؛ شايد انهيءَ ۾ ڪا اُميد هجي.
30هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.
31ڇالاءِ جو خداوند هميشہ لاءِ اُڇلائي نہ ڇڏيندو.
32ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو ڏک ڏيندو، تڏهن بہ پنهنجين رحمتن جي گهڻائيءَ کان هن کي ڪهل ايندي.
33ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو.
34زمين جا سڀ قيدي پير هيٺ چپڻ،
35خدا تعاليٰ جي منهن جي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جو حق ٽاري ڇڏڻ،
36ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.
37اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟
38خدا تعاليٰ جي حڪم سان بڇڙائي ۽ چڱائي نٿي اچي ڇا؟
39ڪهڙي سبب جيئرو ماڻهو شڪايت ٿو ڪري، ماڻهو پنهنجن گناهن جي سزا لاءِ پڪاري ٿو ڇا؟
40اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون.
41اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي.
42اسان حڪم عدولي ڪئي ۽ فساد ڪيو آهي؛ تو معافي نہ ڏني آهي.
43تو اسان کي ڪاوڙ سان ڍڪي ڇڏيو اهي، ۽ تون اسان جي پٺيان پيو آهين؛ تو قتل ڪيو آهي، توکي قياس ڪونہ پيو.
44تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي.
45تو اسان کي قومن جي وچ ۾ ٻهر ۽ ڪچري جهڙو ڪيو آهي.
46اسان جن سڀني دشمنن اسان جي لاءِ وڏو وات پٽيو آهي.
47خوف ۽ قبر، ويراني ۽ تباهي اسان تي آئي آهي.
48منهنجي اک مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ ناس ٿي ويئي آهي.
49منهنجي اک پئي وهي ۽ ڪنهن بہ فرجي کان سواءِ بس نٿي ڪري،
50جيستائين خداوند هيٺ نهاري، ۽ آسمان مان ڏسي.
51منهنجي اک، منهنجي شهر جي سڀني ڌيئن ڪري منهنجي روح کي رنج ٿي ڪري.
52جيڪي بي سبب منهنجا دشمن آهن، سي پکيءَ وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پيا آهن.
53هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.
54منهنجي مٿي تان پاڻي وهي ويا؛ مون چيو تہ آءٌ وڍجي ويو آهيان.
55اي خداوند، مون تمام هيٺينءَ قيد مان تنهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو.
56تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.
57جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.
58اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي.
59اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.
60هنن جو وير وٺڻ ۽ هنن جون رٿون، جي منهنجي برخلاف هيون، سي سڀ تو ڏٺيون آهن.
61اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛
62جيڪي مون تي سنبري آيا تن جون ڳالهيون ۽ سندن روزمرہ جا منصوبا بہ.
63هنن جو ويهڻ ۽ هنن جو اُٿڻ تون ڏس؛ آءٌ هنن جو راڳ آهيان.
64اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي.
65تون هنن کي دل جي سختي ۽ پنهنجي لعنت ڏي.
66تون ڪاوڙ ۾ هنن جي پٺيان پئُہ، ۽ خداوند جي آسمانن جي هيٺان هنن کي ناس ڪر.
Currently Selected:
زاريون 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.