زاريون 4
4
1سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.
2صيون جا سڪيلڌا پٽ، جي عمدي سون سان مقابلي ڪرڻ جهڙا آهن، سي ڪيئن نہ ٺڪر جي ٿانوَن وانگر، جي ڪنڀار جي هٿن جا جڙيل آهن، سمجهيا ٿا وڃن!
3گدڙ بہ پنهنجا ٿڻ ڪڍي پنهنجن ٻچن کي کير پيارين ٿا: منهنجي قوم جي ڌيءَ بيابان جي اٺ پکين وانگر بي رحم ٿي پئي آهي.
4کير پياڪ ٻار جي زبان اُڃ کان ان جي تارونءَ کي لڳيو ٿي پوي: ننڍا ٻار ماني گهرن ٿا ۽ ڪوبہ ماڻهو اُها ڀڃي انهن کي نٿو ڏئي.
5جيڪي عمدا طعام کائيندا هئا، سي گهٽين ۾ سڃا پيا رُلن: جيڪي کهنبن ڪپڙن ۾ پلجي وڏا ٿيا سي ڪچري جي ڍيرن تي پيا آهن.
6ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا.
7اُن جا شريف ماڻهو برف کان صاف هئا، اُهي کير کان اڇا هئا، اُهي جسم ۾ لعلن کان ڳاڙها هئا، انهن جو تجلو نيلم جهڙو هو.
8اُنهن جو چهرو اڱرن کان ڪارو هو؛ انهن کي گهٽين ۾ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي، انهن جي کل هڏن کي چنبڙي پئي آهي؛ اُها ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي.
9جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن.
10قياس وارين زالن جي هٿن خود پنهنجن ٻارن ٻچن کي رڌيو آهي؛ منهنجي قوم جي ڌيءَ جي تباهيءَ ۾ اُهي انهن جو قوت هئا.
11خداوند پنهنجو غضب پورو ڪيو آهي، هن پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ هاري وڌي آهي؛ ۽ هن صيون ۾ باهہ ٻاري آهي، جنهن انهيءَ جو بنياد ناس ڪري ڇڏيو آهي.
12زمين جي بادشاهن کي اعتبار نہ هو، ۽ نہ دنيا جي سڀني رهاڪن کي، تہ ڪو ويري ۽ دشمن يروشلم جي درن اندر گهڙي ايندو.
13اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.
14هو انڌن وانگر گهٽين ۾ پيا گهمن، هو رت سان پليت ٿيا پيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو هنن جي ڪپڙن کي هٿ ئي نہ ٿا لائين.
15هن انهن کي رڙ ڪري چيو تہ نڪري وڃو، اي پليت نڪري وڃو، هٿ نہ لايو. جڏهن هو ڀڄي ويا ۽ وڃي رلڻ لڳا، تڏهن قومن ۾ ماڻهن چيو تہ هو وري اڳتي هتي اچي نہ رهندا.
16خداوند جي ڪاوڙ هنن ۾ تفرقو وڌو آهي؛ هو اڳتي وري هنن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو: هو ڪاهنن کي عزت نہ ڏيندا هئا، هو بزرگن سان مروت ڪانہ ڪندا هئا.
17اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي.
18هو اهڙيءَ طرح اسان جا پيرا کنيو اچن، جو اسين پنهنجن گهٽين ۾ وڃي نٿا سگهون: اسان جي پڇاڙي ويجهي آهي، اسان جا ڏينهن اچي پورا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان جي پڇاڙي اچي پهتي آهي.
19اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.
20اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.
21اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.
22اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.
Currently Selected:
زاريون 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.