Bible App logo
Search Icon

زاريون 2

2
1خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.
2خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.
3هن سخت ڪاوڙ ۾ اسرائيل جو سڀ ڪو سڱ وڍي ڦٽو ڪيو آهي؛ هن پنهنجو ساڄو هٿ دشمن تان پٺ تي ڪڍي ورتو آهي: ۽ هن يعقوب کي انهيءَ باهہ جي مچ وانگر ساڙيو آهي، جو چوڌاري ساڙي چٽ ڪندو آهي.
4هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.
5خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي.
6۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.
7خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.
8خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن.
9اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي.
10صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.
11منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا.
12جڏهن هو ڦٽيلن وانگر شهر جي رستن تي بيهوش ٿا ٿين، ۽ جڏهن هنن جو ساهہ سندن مائن جي جهوليءَ ۾ نڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مائن کي ٿا چون تہ ان ۽ شراب ڪٿي آهي؟
13اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟
14تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.
15جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.
16تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي.
17خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.
18هنن جي دل خداوند کي دانهن ڪري چيو: اي صيون جي ڌيءُ جي ڀت، ڀلي تہ رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر پيا وهن؛ پاڻ کي ڪابہ ساهي نہ ڏي؛ ڀلي تہ تنهنجي اک جي ماڻڪي بيهي نہ رهي.
19اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.
20اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟
21جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي.
22تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو.

Currently Selected:

زاريون 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for زاريون 2