YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 14

14
1پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو. 2منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان. 3۽ جي آئون وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪندس، تہ وري ايندس ۽ اوهان کي پاڻ سان وٺي ويندس، تہ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين بہ هجو. 4۽ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اُنهيءَ واٽ جي اوهان کي خبر آهي. 5توما چيس، تہ اي خداوند، اسان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، سو وري واٽ جي خبر ڪيئن هونديسون؟ 6يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي. 7جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها، تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها: اڄ کانپوءِ اوهين هن کي سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ. 8فلپس چيو تہ اي خداوند، اسان کي پيءُ ڏيکار تہ اسان لاءِ بس آهي. 9يسوع چيس، تہ اي فلپس، آئون هيترو وقت اوهان سان رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سڃاتو ئي ڪين آهي؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي، تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چئين تہ اسان کي پيءُ ڏيکار؟ 10تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري. 11مون تي ايمان آڻيو تہ آئون پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾: نہ تہ هي ڪم جيڪي آئون ڪريان ٿو، تن جي ڪري ئي مون تي ايمان آڻيو. 12آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو بہ اُهي ئي ڪم ڪندو، جي آئون ٿو ڪريان، ۽ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو؛ ڇالاءِ تہ آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان. 13۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي. 14جي اوهين منهنجي نالي تي ڪي بہ گهُرندا، تہ آئون اُهو ڪندس.
15جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو. 16۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي، 17يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو. 18آئون اوهان کي يتيم ڪري ڇڏي ڪين ويندس، آئون اوهان وٽ ايندس. 19باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا. 20اُنهي ڏينهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، ۽ اوهين مون ۾ ۽ آئون اوهان ۾. 21جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس. 22يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟ 23يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين. 24جيڪو مون کي پيار نٿو ڪري، سو منهنجي ڪلام تي نٿو هلي: ۽ ڪلام جو اوهين ٻُڌو ٿا، سو منهنجو نہ، پر پيءُ جو آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.
25مون اهي ڳالهيون اوهان سان رهي اوهان کي ٻُڌايون آهن. 26پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو. 27آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو. 28اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي. 29۽ هاڻي اها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي، تہ جڏهن ائين ٿئي تہ اوهين ايمان آڻيو. 30هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛ 31پر هيءُ انهي لاءِ ٿو ٿئي تہ دنيا کي خبر پوي تہ آئون پيءُ کي پيار ٿو ڪريان، ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي ٿو ڪريان. اُٿو، هلو تہ هتان هلون.

Currently Selected:

يوحنا 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy