YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 13

13
1هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو. 2۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي. 3جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو، 4تڏهن مانيءَ تان اُٿي، ڪپڙا لاهي، ٽوال چيلهہ سان ٻَڌائين. 5پوءِ ٿالهہ ۾ پاڻي وجهي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو، ۽ چيلهہ سان جو ٽوال ٻَڌل هوس، تنهن سان اُگهڻ لڳن. 6انهي طرح هو شمعون پطرس وٽ آيو؛ ۽ هن چيس، تہ اي خداوند، تون ٿو منهنجا پير ڌوئين؟ 7يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي توکي هاڻ خبر نٿي پوي، پر هن کان پوءِ سمجهندين. 8پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي. 9شمعون پطرس چيس تہ اي خداوند، تڏهن نہ رڳو منهنجا پير، پر منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوءُ. 10يسوع چيس تہ جو وهنجيل آهي، تنهن کي پيرن ڌوئڻ کان سواءِ ٻي گهُرج ڪونهي، پر سڄو ئي پاڪ آهي: ۽ اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ. 11ڇالاءِ جو هن کي خبر هئي تہ مون کي ڪير جهلائيندو، تنهنڪري چيائين تہ اوهين سڀ پاڪ نہ آهيو.
12پوءِ جڏهن سندن پير ڌوئي چڪو، ۽ ڪپڙا پائي وري اچي ويٺو، تڏهن چيائين تہ سمجهو ٿا تہ مون اوهان سان ڇا ڪيو آهي؟ 13اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان. 14هاڻي آئون جو خداوند ۽ اُستاد آهيان، تنهن جيڪڏهن اوهان جا پير ڌوتا آهن، تہ اوهان کي بہ هڪ ٻئي جا پير ڌوئڻ کپن. 15ڇوتہ مون اوهان کي نمونو ڏنو آهي تہ جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ ڪريو. 16آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان وڏو نہ آهي؛ نڪي وري موڪليل پنهنجي موڪلڻ واري کان. 17جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو. 18آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“ 19هاڻي اِها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳيئي آئون اوهان کي چئي ٿو ڇڏيان، تہ پوءِ جڏهن ائين ٿئي، تہ اوهين ايمان آڻيو تہ آئون اُهو ئي آهيان. 20آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.
21پوءِ جڏهن يسوع ائين چئي چڪو، تڏهن اندر ۾ پريشان ٿيڻ لڳو، ۽ شاهدي ڀري چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو. 22تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا تہ ڪنهن جي نالي ٿو چوي، سو هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. 23۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو. 24تڏهن شمعون پطرس اشارو ڏيئي چيس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ ڪنهن جي بابت ٿو چوي. 25پوءِ هن ائين ئي يسوع جي سيني تي ٽيڪ ڏيندي چيس، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي؟ 26تڏهن يسوع کيس جواب ڏنو تہ جنهن کي آئون گرهہ ٻوڙي ڏيندس سو آهي. پوءِ گرهہ ٻوڙي کڻي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ کي ڏنائين: 27۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ. 28هاڻي جن ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن کي بہ سماءُ ڪونہ پيو تہ ڪهڙي مطلب سان هن کي ائين چيائين، 29ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي. 30پوءِ هو گرهہ وٺي سڌو ٻاهر نڪري هليو ويو، ۽ اوڏيءَ مهل رات هئي.
31پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛ 32۽ جي خدا هن ۾ جلال حاصل ڪيو تہ خدا پاڻ ۾ هن کي جلال ڏيندو، بلڪ اِجهو ٿو ڏئيس. 33اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان. 34اوهان کي هڪڙو نئون حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو؛ تہ جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي پيار ڪريو. 35جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٻئي لاءِ پيار آهي، تہ انهيءَ منجهان ئي سڀني کي خبر پوندي تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو.
36شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين. 37پطرس چيس تہ خداوند، ڇو آئون هينئر تنهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندس؟ آئون تنهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. 38يسوع جواب ڏنس تہ تون منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ ڪڪڙ ٻانگ ئي ڪين ڏيندو، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.

Currently Selected:

يوحنا 13: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy