YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 15

15
1ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي. 2مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي. 3ڪلام جو مون اوهان کي ٻُڌايو آهي، تنهن جي ڪري اوهين اڳيئي پاڪ آهيو. 4اوهين مون ۾ رهو، ۽ آئون اوهان ۾، جهڙيءَ طرح ٽاري جيسين ڊاک جي ول ۾ نہ رهي، تيسين پاڻ ڦل جهلي نٿي سگهي، تهڙيءَ طرح ٿيڻي نہ آهي جو جيسين اوهين مون ۾ نہ رهو، تيسين اوهين بہ ڦل جهليو. 5آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو. 6جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين. 7جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو. 8هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا. 9جيئن پيءُ مون کي پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان کي پيار ڪيو آهي، منهنجي پيار ۾ رهندا اچجو. 10جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان. 11اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.
12منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي. 13هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي. 14جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو. 15هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم. 16اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي. 17اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.
18جيڪڏهن دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري، تہ اوهان کي خبر آهي تہ اوهان کان اڳي مون سان بہ نفرت ڪئي اٿس. 19جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري. 20اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا. 21پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن. 22جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي. 23جيڪو مون سان نفرت ٿو ڪري، سو منهنجي پيءُ سان بہ نفرت ٿو ڪري. 24جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن. 25پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي. 26پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو: 27۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.

Currently Selected:

يوحنا 15: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy