Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 45

45
1اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، باروڪ بن نيرياہ کي تڏهن ٻڌايو جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هن هي ڳالهيون يرمياہ جي واتان هڪڙي ڪتاب ۾ لکيون، جنهن ۾ چيائين تہ 2خداوند، اسرائيل جو خدا توکي هيئن ٿو فرمائي، تہ اي باروڪ: 3تو چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ افسوس آهي! ڇالاءِ جو خداوند منهنجي سور تي ڏک وڌايو آهي؛ آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ۽ آرام ڪونہ ٿو اچيم. 4تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس. 5۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس.

Currently Selected:

يرمياہ 45: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 45