يرمياہ 46
46
1خداوند جو اهو ڪلام جو قومن جي نسبت ۾ يرمياہ نبيءَ وٽ آيو: 2مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.
3اوهين ڍال ۽ سپر گهرائي وٺو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ويجها اچو. 4اي گهوڙيسوارو گهوڙن تي سنج وجهو، ۽ اُٿو ۽ پنهنجا جنگي ٽوپ ڍڪي نڪري بيهو؛ نيزن کي ملي صاف ڪريو، زرهون ڍڪيو. 5ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي. 6جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن. 7اهو ڪير آهي جو نيل نديءَ وانگي چڙهندو اچي، جنهن جو پاڻي ندين وانگي اُٿلندو اچي؟ 8مصر نيل نديءَ وانگي چڙهي ٿو، ۽ ان جو پاڻي ندين وانگي اُٿلي ٿو: ۽ اُهو چوي ٿو تہ آءٌ چڙهندس، ۽ زمين کي ڍڪي ڇڏيندس؛ آءٌ شهر کي ۽ ان جي ماڻهن کي ناس ڪندس. 9اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا. 10ڇالاءِ جو اهو ڏينهن، يعني خداوند لشڪرن جي خدا جو ڏينهن، وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي دشمنن کان وير وٺي: ۽ ترار کائي ويندي ۽ ڍءُ ڪندي، ۽ هنن جي رت مان پنهنجو پيٽ ڀريندي: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند لاءِ اُتر واري ملڪ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني ٿيڻي آهي. 11اي مصر جي ڪنواري ڌيءَ، تون جلعاد ۾ وڃي ملم وٺ: گهڻيون دوائون اجايون ٿي ڪم آڻين؛ تنهنجي لاءِ ڇٽڻ ڪونهي. 12قومن تنهنجي خواريءَ جو ذڪر پڌرو ڪيو آهي ۽ زمين تنهنجي دانهن سان ڀرجي ويئي آهي: ڇالاءِ جو هڪڙو بهادر مرد ٻئي بهادر مرد تي آٿڙجي پيو آهي، ۽ ٻئي گڏ ڪِري پيا آهن.
13بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ڪيئن اچي مصر جي زمين کي شڪست ڏيندو، تنهن بابت جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ نبيءَ وٽ آيو سو هي آهي. 14اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي. 15ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو. 16هن گهڻن کي آٿڙائي وڌو، هائو، هو هڪ ٻئي تي ڪري پيا: ۽ چوڻ لڳا تہ اُٿو تہ هن ظلم ڪندڙ ترار کان نڪري وڃي پنهنجي قوم ڏي ۽ پنهنجي وطن ڏي هلون. 17اُتي هو وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ مصر جو بادشاهہ فرعون رڳو ڳالهيون آهي؛ هن مقرر ڪيل وقت کي گذاري ڇڏيو. 18اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو. 19اي ڌيءَ، تون جا مصر ۾ رهين ٿي، سا قيد ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار رک: ڇالاءِ جو نوف ويران ٿيندو، ۽ ساڙيو ويندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو. 20مصر ڏاڍي سهڻي گابي آهي؛ پر اُتر مان خرابي اچي ٿي، اُها اڳ ئي هن تي آئي آهي. 21منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت. 22انهن جو آواز ڀڄندڙ نانگ وانگي ايندو، ڇالاءِ جو هو لشڪرن سان ڪوچ ڪندا، ۽ ڪاٺيرن وانگي ڪهاڙا کڻي اُن تي ڪاهي ايندا. 23خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن. 24مصر جي ڌيءَ شرمندي ڪئي ويندي؛ اُها اُتر وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏني ويندي. 25لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن. 26۽ آءٌ هنن کي سندن جانين جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾، ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾، ۽ سندس نوڪرن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو وري وسندو جيئن قديم زماني ۾ هوندو هو. 27پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس. 28خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.
Currently Selected:
يرمياہ 46: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.