يرمياہ 44
44
1اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 2لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا خرابي مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن تي آندي آهي، سا سڀ اوهان ڏٺي آهي؛ ۽ ڏس، اڄ اُهي اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نٿو رهي. 3تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن. 4انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو. 5پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏيئي پنهنجي شرارت کان باز آيا، ۽ نہ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ ڇڏيائون. 6جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي. 7تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛ 8جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟ 9اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي شرارت ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي شرارت، ۽ سندن زالن جي شرارت، ۽ خود پنهنجي شرارت، ۽ پنهنجي زالن جي شرارت، وساري ڇڏي آهي ڇا، جا هنن يهوداہ جي ملڪ ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڪئي؟ 10هو اڄ ڏينهن تائين پشيمان نہ ٿيا آهن، نڪي ڊنا آهن، نڪي منهنجي شريعت تي يا منهنجن قانونن تي هليا آهن، جي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي اڳيان رکيا. 11تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ بڇڙائيءَ جي لاءِ پنهنجو منهن اوهان جي برخلاف ڪندس، انهي لاءِ تہ يهوداہ کي وڍي ڇڏيان. 12۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا. 13ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي: 14جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.
15تڏهن جن ماڻهن کي خبر هئي تہ سندن زالون ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون آهن تن، ۽ اُهي سڀ زالون جي سندس پاسي ۾ بيٺيون هيون، تن سڀني هڪڙي وڏي جماعت ڪري، يعني سڀيئي ماڻهو جي مصر جي زمين ۾، فتروس منجهہ رهندا هئا، تن يرمياہ کي ورندي ڏئي چيو، تہ 16جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين. 17پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين. 18پر جڏهن کان اسان آسمان جي راڻيءَ جي لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ ڇڏي ڏنو آهي، تڏهن کان وٺي اسين سڀني شين جا محتاج ٿيا آهيون. 19۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟ 20تڏهن يرمياہ سڄي قوم کي چيو، يعني انهن مردن ۽ زالن کي، بلڪ انهن سڀني ماڻهن کي جن کيس اها ورندي ڏني، تہ 21جيڪو لوبان يهوداہ جي شهرن ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ اوهان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن، اوهان جن بادشاهن، ۽ اوهان جن اميرن ۽ ملڪ جي ماڻهن ساڙيو، سو خداوند کي ياد نہ هو ڇا ۽ اُهو اُن جي دل ۾ نہ آيو ڇا؟ 22جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي. 23ڇالاءِ جو اوهان لوبان ساڙيو آهي، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ خداوند جو حڪم نہ مڃيو اٿوَ، ۽ نہ ان جي شريعت تي، ۽ نہ اُن جي قانونن تي، ۽ نہ اُن جي شاهدين تي هليا آهيو؛ تنهن ڪري هيءَ خرابي اوهان کي پهتي آهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.
24هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ انهن سڀني ماڻهن کي ۽ سڀني زالن کي چيو، تہ اي يهوداہ جي سڄي قوم اوهين جي مصر جي زمين ۾ آهيو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: 25لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو. 26تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي. 27ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي. 28۽ جيڪي ترار کان بچندا، سي ٿورا ٿي مصر جي ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا؛ ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر ۾ رهڻ جي لاءِ اوڏي ويا آهن، سي پاڻهين ڄاڻندا تہ ڪنهن جي ڳالهہ ٿي بيهي، منهنجي يا هنن جي. 29۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون: 30خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.
Currently Selected:
يرمياہ 44: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.