Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 42

42
1تڏهن لشڪرن جا سڀ سردار، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ يزنياہ بن هوسعياہ، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو تمام ننڍن کان وٺي وڏن تائين ويجها آيا. 2۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو: 3من خداوند تنهنجو خدا اسان کي اهو رستو ڏيکاري جنهن تي هلون ۽ اُهو ڪم ڏيکاري جو ڪريون. 4تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس. 5تڏهن هنن يرمياہ کي چيو تہ جيڪو بہ حڪم خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيئي اسان ڏي موڪليندو تنهن موجب جيڪڏهن اسين عمل نہ ڪنداسين تہ خداوند اسان جي برخلاف سچو ۽ وفادار شاهد ٿئي. 6اُهو چڱو هجي يا بڇڙو، تہ بہ خداوند اسان جو خدا، جنهن ڏي اسين توکي موڪليون ٿا، تنهن جو حڪم اسين مڃينداسين؛ انهي لاءِ تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جو حڪم مڃينداسين تڏهن اسان جو ڀلو ٿيندو.
7۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو. 8تڏهن هن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا، ۽ ٻيا ماڻهو ننڍا توڙي وڏا جيڪي هئا تن سڀني کي سڏيو، 9۽ چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، جنهن ڏي اوهان مون کي سندس حضور ۾ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ 10جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان. 11جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان. 12۽ آءٌ اوهان تي رحم ڪندس، جنهن ڪري هو بہ اوهان تي رحم ڪري اوهان کي موٽائي پنهنجي زمين ڏي موڪليندو. 13پر جي اوهين چوندا تہ اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين؛ ۽ انهي طرح خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيندا؛ 14۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين: 15تہ تڏهن هاڻي، اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين سچ پچ مصر ۾ وڃي اُتي رهي پوڻ لاءِ خواهان ٿيندا: 16تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا. 17اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو. 18ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. 19اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي. 20ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون: 21۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي. 22تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.

Currently Selected:

يرمياہ 42: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 42